پي آءِ اي سميت مالي خساري جي ور چڙهيل ادارن جي نجڪاري تيز ڪرڻ جو حڪم

آڪٽوبر 11, 2023

اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) نگران وزيراعظم پي آءِ اي ۽ مالي خساري جي ور چڙهيل ٻين ادارن جي نجڪاري تيز ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ پي آءِ اي بابت اجلاس دوران فيصلن تي عملدرآمد ۾ دير تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو

 نگران وزيراعظم چيو ته ملڪ معاشي مشڪلات جو شڪار آهي، قومي ادارن جو خسارو مشڪلاتن ۾ واڌ جو سبب بڻجي رهيو آهي

سندس چوڻ هو ته عوام جي ٽيڪس سان انهن ادارن جو خسارو پورو ڪرڻ وڌيڪ ممڪن نه آهي پي آءِ اي ۽ خساري جو شڪار ٻين ادارن جي نجڪاري جو عمل تيز ڪيو وڃي

اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي پي آءِ اي جي مالي خساري بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي جنهن بعد فيصلو ڪيو ويو ته پي آءِ اي سميت خساري ۾ رهندڙ سمورن ادارن جي نجڪاري ڪئي ويندي

Leave A Comment