| پي آءِ اي طرفان 131 ارب رپين جا ٽيڪس ادا نه ڪرڻ جو انڪشاف: 8 جهاز ڊگهي عرصي کان غير فعال |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پبلڪ اڪاؤنٽس ڪميٽي اجلاس ۾ آڊٽ عملدارن پي آءِ اي طرفان 131 ارب رپين جا ٽيڪس ۽ ڊيوٽيز ادا نه ڪرڻ جو انڪشاف ڪندي چيو آهي پي آءِ اي جا اٺ جهاز غير ضروري طور ڊگهي عرصي تائين گرائونڊ رهڻ سبب قومي خزاني کي 21 ارب رپين کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي. پي اي سي جو اجلاس سيد نويد قمر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ وزارت دفاع ۽ پي آءِ اي جي مالي سال 2023-24ع جي آڊٽ رپورٽ جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. آڊٽ عملدارن ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ته پي آءِ اي جا 8 جهاز بنا سبب ڊگهي عرصي تائين گرائونڊ رهڻ ڪري قومي خزاني کي وڏو مالي نقصان پهتو آهي. ان کان علاوه مختلف جهازن جي مرمت ۾ 44 ڏينهن کان وٺي 652 ڏينهن تائين جو وقت لڳو. ڪميٽي ميمبرن سوال اٿاريو ته هڪ جهاز جي مرمت ۾ 652 ڏينهن ۽ ٻئي جي مرمت ۾ 239 ڏينهن ڇو لڳا. جنهن تي پي آءِ اي عملدارن موقف اختيار ڪيو ته دير ڪورونا کانپوءِ پيدا ٿيل حالتن سبب ٿي ۽ ڊگهي مرمت سبب ڪو مالي نقصان ناهي ٿيو. اجلاس ۾ پي آءِ اي بابت مجموعي طور 167 ارب رپين جا آڊٽ اعتراض به غور هيٺ آيا. آڊٽ عملدارن انڪشاف ڪيو ته پي آءِ اي طرفان 131 ارب رپين جا ٽيڪس ۽ ڊيوٽيز ادا ناهن ڪيا ويا. سيڪريٽري دفاع ٻڌايو ته نجڪاري جي عمل تحت 131 مان 115 ارب روپيا هولڊنگ ڪمپني جي ذمي منتقل ڪيا ويا، جڏهن ته پي آءِ اي جا مجموعي واجبات وڌي 688 ارب رپين تائين پهچي چڪا آهن. چيئرمين پي اي سي سوال اٿاريو ته هولڊنگ ڪمپني ايتري بقاياجات ڪئين ڪندي. جنهن تي سيڪريٽري دفاع ٻڌايو ته ناڻي وزارت هن حوالي سان اڃا تائين ڪو حتمي فيصلو ناهي ڪيو. اجلاس ۾ سيڪيورٽي فورس پاران هڪ ڪروڙ 20 لک رپين جي مالي بي ضابطگين جو معاملو بحث هيٺ آيو. آڊٽ عملدارن ٻڌايو ته اي ايس ايف فنڊ جو آڊٽ نه پيو ڪرايو وڃي، جڏهن ته سيڪريٽري دفاع وضاحت ڏني ته اي ايس ايف فائونڊيشن فنڊ ۾ قومي خزاني جو ڪو به پئسو شامل ناهي. ڪميٽي ميمبرن آڊٽ اعتراضن ۾ ذميوارن جي نشاندهي نه ٿيڻ تي به ڳڻتي ظاهر ڪئي. اختيارين ٻڌايو ته هڪ آفيسر کي نوڪري مان برطرف ڪيو ويو آهي ۽ وڌيڪ رڪوري جو عمل جاري آهي. ايئرڪرافٽس جي ڊگهي گرائونڊنگ سبب 21 ارب رپين جي نقصان بابت آڊٽ اعتراض تي پي اي سي معاملو ٻيهر ڊپارٽمينٽل اڪاؤنٽس ڪميٽي حوالي ڪري ڇڏيو.