پي آءِ اي ھلائڻ جي اھليت نه رکندڙ حڪمران ملڪ ڪيئن ھلائي سگھندا؟….ايم بي سومرو

                 ڪالم ته مخالف ڌر ۾ شامل پارٽين جي ٻن ڏينهن تائين ڪي پي ڪي هائوس اسلام آباد ۾ هلندڙ ڪانفرنس تي لکڻ جو سوچيو هو. جنهن ڪانفرنس بعد اتفاق راء سان گڏيل پڌرنامو جاري ڪري اهم اعلان ڪيا ويا. اگر انهيء موضوع تي ڪالم لکان ها ته خاص طور تي ان مامري يا فيصلي جو جائزو ضرور وٺون ها ته ڪانفرنس جي گڏيل پڌرنامي ۾ ڳالهين جا دروازا کولڻ جي ضرورت تي زور ڀرڻ جي ٻئي ڏينهن تي ڪانفرنس جي ميزباني ڪندڙ پي ٽي آء پاران انهيء مامري تان يوٽرن ڇو ورتو ويو ۽ انهي بعد ان سوال جو به جائزو وٺون ها ته ڪانفرنس ۾ جن مامرن تي اتفاق ٿيو، انهن مان مک مامري تان يوٽرن بعد ڇا مخالف ڌر جو تحريڪ تحفظ آئين نالي اتحاد قائم رهي اڳتي وڌي سگهندو؟ انهي مامري جي جائزي دوران ظاهر آھي ته ان سوال تي به غور ڪريون ها ته مخالف ڌر جي پارٽين جي ڪانفرنس بعد 8 فيبروري تي اعلانيل ڦيٿا روڪ ۽ شٽربند هڙتال ٿي سگهندي يا نه! مخالف ڌر جي پارٽين جي ڪانفرنس تي ڪالم نه لکان ها ته ضرور عمران خان ۽ بشري` بي بي کي مليل سزا ۽ ان بعد عمران خان پاران عوامي تحريڪ شروع ڪرڻ لاء پارٽي، خاص طور تي سي ايم ڪي پي ڪي کي ڪيل عوامي رابطن جي هدايت ۽ عمران خان جي ڀينرن ۽ انهن جي ڌيئرن جي احتجاجن ۾ نڪري اچڻ سان گڏ عمران خان جي پٽن جي پاڪستان احتجاجي تحريڪ لاء اچڻ جي ڳالهين جو تفصيلي جائزو ضرور وٺون ها. ڪالم ته عليم خان ۽ پلواشا خان وچ ۾ اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي اجلاس دوران ٿيل جهيڙي ۽ وفاقي وزير پاران پلواشا کي `مامرا سامهون آندا ته ڪنڌ نه کڻي سگهڻ` جي ڏنل ڌمڪين تي به لکي پئي سگهياسين پر هن هفتي انهن سياسي مامرن تي  پي آءِ اي جي لائيو نشريات ذريعي ٿيل نجڪاري حاوي ٿي وئي آھي.   ڪيترن ئي ملڪن جي ائير لائينن کي پيرن تي بيهاريندڙ پي آءِ اي جي 75 سيڪڙو شيئرز جي نجڪاريءَ دوران  135 ارب روپين جو واڪ ڏئي عارف حبيب ڪنسورشيم پي آءِ اي خريد ڪري ورتي آھي, لڪي سيمينٽ ڪنسورشيم 134 ارب روپين جي واڪ بعد وڌيڪ واڪ نه ڏيندي هٿ مٿي کڻندي عارف حبيب کي واڪ ۾ ڪامياب ٿيڻ تي  مبارڪ ڏني. نجڪاريءَ جي عمل بعد وزير اعظم پاران عارف حبيب کي مبارڪ ڏيڻ مان واضح آھي ته پي آءِ اي اڳيان هاڻي قومي ايئر لائين جا لفظ نه لکي سگهبا. ها اگر نالو تبديل نه ٿيو ته ان کي پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز سڏي ۽ لکي سگهبو.

هن وقت تائين پي آءِ اي جي نجڪاريءَ بابت جيڪا معلومات سامهون آئي آھي، اها حيرت ۾ وجهندڙ آھي. چيو وڃي ٿو ته پي آءِ اي مٿان ساڍا ڇھ سئو ارب روپين جو قرض هڪ هولڊنگ ڪمپني کي منتقل ڪيو ويو آھي. مطلب ته پي آءِ اي مٿان اهو قرض هاڻي وفاقي حڪومت ادا ڪندي. پي آءِ اي کي 135 ارب روپين ۾ وڪرو ڪيو ويو آھي پر ان مان صرف ڏھ سيڪڙو رقم وفاقي سرڪار جي خزاني ۾ ايندي، باقي سموري رقم پي آءِ اي کي پيرن تي بيهارڻ تي خرچ ٿيندي. مطلب ته 135 ارب روپين مان رڳو 10 ارب جي لڳ ڀڳ رقم سرڪاري خزاني ۾ ايندي، باقي 125 ارب روپيا رقم ان پي آءِ اي جي حوالي ٿيندي، جيڪا ڪجھ ڏينهن بعد باضابطا طور تي عارف حبيب ڪنسورشيم جي  پي آءِ اي بڻجي ويندي. انهي نجي ڪمپنيءَ جي ملڪيت ۾ ايندڙ اداري کي منافعي بخش بنائڻ لاء نجڪاريءَ جي نوي سيڪڙو رقم  خرچ ٿيندي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اگر پي آءِ اي وڪرو ٿيڻ واري رقم نوي سيڪڙو پي آءِ اي جي بحاليءَ تي لڳندي ته پوء پي آءِ اي کي خريد ڪندڙ عارف حبيب ڪنسورشيم کي 75 سيڪڙو حصو ڪهڙي خوشيءَ ۾ ڏنو پيو وڃي؟ سوال ته هي به آھي ته پي آءِ اي جي نجڪاري کان اڳ پي آءِ اي جي ملڪيتن ۽ اثاثن جا تفصيل ڇو جاري نه ڪيا ويا؟ پي آءِ اي وٽ موجود جهازن، ملڪ ۽ پرڏيھ ۾ عمارتن، سامان، اثاثن جي ڪل ڪيتري ماليت آھي، ان جو نجڪاريءَ کان اڳ ڪاٿو لڳايو ويو هو ته ان ڪاٿي جا تفصيل ڇو ظاهر نه ڪيا ويا؟ اهو ئي سبب آھي جو سوشل ميڊيا تي رڳو پي آءِ اي وٽ موجود جهازن جي ئي ماليت 1600 ارب کان وڌيڪ ٻڌائي پئي وڃي.  نجڪاريءَ لاءِ ٿيل لائيو نشريات ۾ اهو ڇو واضح نه ٻڌايو ويو ته پي آءِ اي کي نجڪاريءَ ذريعي خريد ڪندڙ کي پي آءِ اي جون ڪيتريون عمارتون، ملڪيتون ڏنيون پيون وڃن ۽ انهن جي مارڪيٽ ويليو تحت ڪٿيل رقم هيتري آھي. ڇا نجڪاريءَ وقت اهو ٻڌائڻ ضروري نه هو ته پي آءِ اي وٽ ملڪ اندر توڙي  ٻاھرين ملڪن جا مليل روٽس هن وقت ڪيتري ماليت جا آھن؟ ڇا پي آءِ اي جي وڪري جي واڪن کي رڳو لائيو نشر ڪرڻ جو مامرو شفافيت لاء ڪافي آھي؟ ظاهر آھي صرف پي آءِ اي وڪرو ڪرڻ جي واڪن کي لائيو نشر ڪرڻ شفافيت لاء ڪافي ناهي. شفافيت لاء اهو ٻڌائڻ ضروري آھي ته پي آءِ اي وٽ اثاثا ڪيترا آھن؟ انهن جي ماليت جي ڪٿ ڪيتري ڪئي وئي آھي؟ پي آءِ اي کي نجڪاريءَ ذريعي خريد ڪندڙ کي ڪهڙا ڪهڙا پي آءِ اي جا اثاثا منتقل ٿيندا؟ انهن جي ماليت ڇا آھي؟

اهو به واضح نه ڪيو ويو ته پي آءِ اي جا نجڪاري ذريعي 75 سيڪڙو شيئر خريد ڪندڙ کي حڪومت فوري وڌيڪ 25 سيڪڙو شيئر به خريد ڪرڻ جي پيشڪش ڇو ڪري رهي آھي؟ ان پويان ڪهڙي حڪمت عملي آھي؟ اگر پي آءِ اي جا پنجهتر سيڪڙو شيئر وڪرو ٿي ويا هئا ته هاڻي ان کي هلائڻ خريدار جي ذميداري هئي. اهي سوال ان ڪري اڀرڻ فطري آھن، جو مون پي آءِ اي جي ملڪيت ۾ ايندڙ نيويارڪ ۾ هڪ هوٽل روزويلٽ جي قيمت گوگل کان معلوم ڪئي ته صرف هڪ ان هوٽل جي قيمت هڪ ارب ڊالر ٻڌائي وئي. جنهن جو مطلب ته پي آءِ اي جي ملڪيت ۾ ايندڙ روزويلٽ هوٽل ئي رڳو لڳ ڀڳ پوڻا ٽي سئو ارب روپين جي ماليت جو آھي. پي آءِ اي وٽ ته پاڪستان جي تمام اهم شهرن ۾ ملڪيتون آھن. نيويارڪ کان علاوه ٻين ملڪن ۾ به ملڪيتون ضرور هونديون. پي آءِ اي وٽ جهاز، ورڪشاپس ۽ ٻيا اثاثا به آھن، جن جي ماليت پي آءِ اي جي خريداريءَ لاء آيل واڪ کان يقينن تمام گهڻي هوندي. پوء به نجڪاريءَ جي به نوي سيڪڙو رقم خريدار  کي پي آءِ اي ۾ لڳائڻ جي سهولت ڏيڻ جو مامرو گهڻا سوال اٿاري رهيو آھي. اهو مامرو جينن منظر تي آيو آھي، ان سان اهو هڪ وڏي اسڪينڊل طور محسوس ڪرايو پيو وڃي ۽ ڪيترائي سنجيده سوال اٿاريا پيا وڃن، جن جي جواب سامهون اچڻ، عوام جي تسلي ٿيڻ ته واقعي پي آءِ اي جي نجڪاري نقصان ۾ نه آھي، جي صورتحال واضح طور تي سامهون اچڻ کان اڳ نجڪاري جو عمل مڪمل ڪيو ويو ته هن دور جو اهو وڏو واقعو هوندو. سوال هي به آھي ته جيڪي واپاري پي آءِ اي خريد ڪن پيا، اهي اگر پي آءِ اي کي هلائي غير معمولي منافعو ڪمائڻ جي اميد رکن ٿا ته اسان جي سرڪار ۾ ڇا انهن ڪجھ واپارين جيتري به صلاحيت نه آھي؟ اگر وفاقي سرڪار پي آءِ اي جهڙي هڪ اداري کي خساري مان نٿي ڪڍي سگهي ته خساري ۾ هلندڙ ملڪ کي سرڪار ڪيئن بحران مان ٻاهر ڪڍي سگهندي؟ اسٽيل مل کان ويندي يوٽيلٽي اسٽور ڪارپوريشن تائين ڪيترا ئي ادارا خساري ۾ هلن پيا. حڪومت وٽ رڳو انهي جو حل نجڪاري ڇو آھي؟ نظام درست ڪري ادارن کي بهتر بنائڻ واري سوچ ڇو نجڪاري جي سوچ مٿان حاوي نٿي ٿئي؟ ايف بي آر ٽيڪس وصولين ۾ مسلسل ناڪام ٿي رهيو آھي، پوء ڇا ملڪ اندر ٽيڪس وصولين جو عمل به ٺيڪي تي ڏنو ويندو؟ عرصي کان ملڪ کي سياستدان بحرانن مان ڪڍي سگهڻ ۾ ناڪام آھن. ڇا ان مسئلي جي حل لاء آئيني رستو ترڪ ڪري سگهجي ٿو؟ اهو ئي سبب آھي ته صرف اهو جملو چئي جان نٿي ڇڏائي سگهجي ته ڪاروبار ڪرڻ حڪومت جو ڪم نه آھي. اگر حڪومت واقعي انهي سوچ جي مالڪ آھي ته پوءِ سرڪاري ڪنهن به اداري پاران ڪا به ڪاروباري سرگرمي ڪرڻ ڪيئن درست ٿي سگهي ٿي؟

سرڪار کي آءِ ايم ايف جي چوڻ تي خساري ۾ هلندڙ ادارن مان جان ڇڏائڻ لاء اهو طريقو ته بلڪل به اختيار نه ڪرڻ گهرجي، جيڪو طريقو عام ماڻهن کي ملڪي وسيلن جو زيان يا ڀڳڙن مٺ کان به سستي اگھ ۾ اربين روپين جا اثاثا ڪارپوريٽ شعبي سان تعلق رکندڙ طاقتور ماڻهن کي ڏئي ڇڏڻ وارو رستو هجي. 1991 کان جنوري 2024 تائين ملڪ جي 182 ادارن کي رڳو 651 ارب، 28 ڪروڙن ۾ وڪرو ڪيو ويو. نجڪاري ڪميشن جا دستاويز ٻڌائين پيا ته 1991 کان 2024 تائين ست بينڪن جي نجڪاري رڳو 41 ارب ۾ ڪري انهن کي نجي ماڻهن حوالي ڪيو ويو. انھن ستن بينڪن کي جن خريد ڪيو، شايد نجڪاري جي ڪل رقم جيترو منافعو انهن پهرين سال ۾ ئي ڪمايو هوندو. اهو عمل ته لوٽ سيل جهڙن اصطلاحن کي درست تصور ڪرائي رهيو آھي ۽ رستي جو مال سستو واري چوڻيءَ کي تبديل ڪري سرڪاري مال رستي جي مال کان به سستو ڪري ٻڌائي رهيو آھي.