پي آءِ اي 135 ارب ۾ وڪامي وئي: عارف حبيب ڪنسورشيم سڀ کان وڏي ٻولي لڳائي قومي ايئر لائنز خريد ڪري ورتي

پي آءِ اي 135 ارب ۾ وڪامي وئي: عارف حبيب ڪنسورشيم سڀ کان وڏي ٻولي لڳائي قومي ايئر لائنز خريد ڪري ورتي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين هوائن تي راڄ ڪندڙ قومي ائيرلائن آخرڪار فروخت ٿي وئي. پي آءِ اي جا جهاز هاڻي عارف حبيب ڪنسورشيم اڏاريندي. عارف حبيب گروپ پي آءِ اي جي نجڪاري لاءِ ٻولي کٽي وئي. گروپ 135 ارب رپين جي وڏي ٻولي لڳائي پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائن خريد ڪئي. تفصيل موجب قومي ائيرلائن جي نيلامي ۾ سڀ کان وڏي ٻولي ڏيندڙ عارف حبيب ڪنسورشيم ثابت ٿي. جنهن 135 ارب رپين جي ٻولي لڳائي. مقابلي ۾ لڪي سيمينٽ ڪنسورشيم آخري مرحلي ۾ 134 ارب رپين جي ٻولي لڳائي. صبح جي وقت ٽن ڪنسورشيم طرفان جمع ڪرايل ٻولين جا لفافا سڀني جي سامهون کوليا ويا. حڪومت پي آءِ اي جي نجڪاري لاءِ ريفرنس پرائس 100 ارب رپيا مقرر ڪئي هئي. ابتدائي مرحلي ۾ عارف حبيب گروپ 115 ارب رپين، لڪي گروپ 101.5 ارب ۽ ايئر بليو 26.5 ارب رپين جي ٻولي لڳائي. ٻئي مرحلي ۾ لڪي گروپ پنهنجي ٻولي وڌائي 120.25 ارب رپيا ڪئي، جڏهن ته عارف حبيب گروپ 121 ارب رپيا جي نئين بولي لڳائي. آخري مرحلي ۾ لڪي گروپ 134 ارب ٻولي لڳائي  پر هڪ ارب جي گهٽ هئڻ سبب پي آءِ اي خريداري جي اهليت نه ملي، آخرڪار عارف حبيب گروپ 135 ارب رپين جي ٻولي سان 75 سيڪڙو شيئر خريد ڪيا. نجڪاري ڪميشن مطابق خريد ڪيل 75 سيڪڙو شيئرز مان  92.5 سيڪڙو رقم پي آءِ اي ۾ سيڙپڪاري لاءِ استعمال ٿيندي، باقي 7.5 سيڪڙو رقم حڪومت کي منتقل ڪئي ويندي. نئين سرمائيڪار پي آءِ اي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ايندڙ 5 سالن ۾ 80 ارب رپين جي اضافي سيڙپڪاري ڪندو.