حڪومت پنجاب ۽ پاڪستان ريلوي جي وچ ۾ هڪ تاريخي مفاهمتي يادداشت تي صحيون ڪيون ويون آهن، جنهن تحت سڄي صوبي ۾ جديد ۽ تيز رفتار ريل سروسز متعارف ڪرايون وينديون۔ معاهدي موجب لاهور کان راولپنڊي جي وچ ۾ پاڪستان جي پهرين فاسٽ ٽرين هلائي ويندي، جيڪا لڳ ڀڳ 280 ڪلوميٽر جو سفر اڍائي ڪلاڪن ۾ مڪمل ڪندي۔ وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز ۽ وفاقي وزير ريلوي حنيف عباسي معاهدي تي صحيون ڪيون۔ ان کان علاوه پنجاب جي 20 علائقن ۾ 8 مقامي روٽن تي مشتمل 1415 ڪلوميٽر ڊگهو نيٽورڪ قائم ڪيو ويندو، جتي جديد ترين ٽرين سروسز فراهم ڪيون وينديون. منصوبي ۾ شامل اهم روٽن ۾ 79 ڪلوميٽر ڊگهو شاهدره کان نارووال، 62 ڪلوميٽر نارووال کان سيالڪوٽ، رائيونڊ، قصور، پاڪپتڻ کان لوڌراڻ شامل آهن۔
دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ريلوي نظام کي نه صرف محفوظ پر سستو ۽ قابلِ اعتماد سفري ذريعو سمجهيو وڃي ٿو. جديد دور ۾ به يورپ، ايشيا ۽ ٻين ترقي يافته علائقن ۾ ريلويز کي مسلسل جديد بڻائي، ان کي عوامي آمد و رفت ۽ باربرداري لاءِ مرڪزي حيثيت ڏني وئي آهي. هن پسمنظر ۾ جيڪڏهن پاڪستان جي ريلوي نظام تي نظر وجهجي ته اها حقيقت انتهائي افسوسناڪ نظر اچي ٿي ته جنهن شعبي کي ملڪ جي ترقيءَ جو اهم محور هجڻ گهرجي ها، ان کي مسلسل نظرانداز ڪري ڪمزور بڻايو ويو آهي. انگريزن جي دور ۾ برصغير ۾ ريلوي جو جيڪو وسيع نيٽ ورڪ قائم ڪيو ويو، اهو پنهنجي وقت جو هڪ شاندار انفراسٽرڪچر هو. ورھاڱي کان پوءِ ان نظام کي وڌيڪ جديد، موثر ۽ وسيع بڻائڻ جي ضرورت هئي، پر بدقسمتي سان پاڪستان ۾ ان شعبي کي ترقي ڏيڻ بدران تباهيءَ ڏانهن ڌڪيو ويو. حڪومتي نااهلي، ناقص پاليسين ۽ وسيلن جي غلط ورڇ سبب ريلوي جو نظام آهستي آهستي زوال پذير ٿيندو ويو. اڄ صورتحال اها آهي جو پاڪستان جهڙي وفاقي ملڪ ۾، جتي چار صوبا آهن، اتي ريلوي سهولتون عملي طور هڪ صوبي تائين محدود ٿي ويون آهن. اهو تاثر مضبوط ٿيندو پيو وڃي ته پاڪستان ريلويز هاڻي “پنجاب ريلويز” بڻجي چڪو آهي، جڏهن ته ٻين صوبن، خاص طور سنڌ، کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. سنڌ، جيڪا تاريخي طور ريلوي نيٽ ورڪ جو اهم حصو رهي آهي، اتي اڄ ريلوي جو ڍانچو لڳ ڀڳ ختم ٿيڻ جي ويجهو آهي. سنڌ ۾ ڪيترين ئي اهم ريلوي اسٽيشنن تان ٽرينن جا اسٽاپ ختم ڪيا ويا آهن، جنهن سبب مقامي ماڻهن کي سفر ۾ سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. سوين ننڍيون ريلوي اسٽيشنون بند ڪيون ويون آهن، جيڪي ڪڏهن ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن کي وڏن شهرن سان ڳنڍينديون هيون. ان کان علاوه ڪيترائي ريلوي روٽ مڪمل طور ختم ڪيا ويا آهن، جنهن سان نه صرف مسافرن کي پر واپارين کي به نقصان ٿيو آهي. باربرداري لاءِ استعمال ٿيندڙ گڊس ٽرينن جي بندش سان سنڌ جي معيشت تي به منفي اثر پيو آهي. صنعتن ۽ ڪاروباري سرگرمين لاءِ سستو ۽ موثر ٽرانسپورٽ سسٽم ضروري هوندو آهي، جيڪو ريلوي ذريعي مهيا ٿي سگهي ٿو، پر ان جي کوٽ سبب ڪاروباري خرچن ۾ اضافو ٿيو آهي. نتيجي طور، معاشي ترقيءَ جي رفتار به متاثر ٿي آهي.
افسوس جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ لاءِ ڄڻ ريلوي کاتو پنهنجي افاديت وڃائي چڪو آهي. وفاقي حڪومت ۾ شراڪتدار هجڻ باوجود سنڌ جي حڪمران جماعت هن اهم مسئلي تي ڪو به اثرائتو آواز اٿاريندي نظر نٿي اچي. عوام جي بنيادي ضرورتن مان هڪ سستي ۽ محفوظ سفر جي سهولت آهي، پر جڏهن اها سهولت به محدود ڪئي وڃي، ته اها رياستي ذميوارين کان لاتعلقي ظاهر ڪري ٿي.ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پاڪستان ريلويز کي ٻيهر منظم ڪيو وڃي، سنڌ ۾ بند ٿيل اسٽيشنن ۽ روٽن کي بحال ڪيو وڃي، ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان نظام کي بهتر بڻايو وڃي. سڀني صوبن کي برابر بنيادن تي ريلوي سهولتون فراهم ڪرڻ سان نه صرف عوام کي فائدو ٿيندو، پر ملڪ جي معيشت به مستحڪم ٿيندي.