| پي ايس ايل آءِ پي ايل جي هڪ ٻي وڪيٽ ڪيرائي وڌي، معين به کيڏندو |
لنڊن (اسپورٽس نيوز) انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) ۾ هڪ ٻي وڏي وڪيٽ ڪِري پئي، اڳوڻي ڏکڻ آفريڪي ڪپتان فاف ڊوپليسي کانپوءِ اڳوڻي انگلش آل رائونڊر معين علي به آءِ پي ايل ڇڏي پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) کيڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اڳوڻي انگلش ڪرڪيٽر پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هي وقت نئين شروعات جو آهي ۽ هو پاڪستان سپر ليگ جي نئين دور ۾ شامل ٿيڻ تي تمام گهڻو پرجوش آهي. معين علي چيو ته پاڪستان ۾ کيڏڻ هميشه سٺو رهيو آهي، هتي اعليٰ معيار جي ڪرڪيٽ ۽ شوقينن جو غيرمعمولي جوش ۽ جذبو ڏسڻ وٽان هوندو آهي، جتي هر ڪو بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ چاهي ٿو.