| پي ايس ايل: آخري رائونڊ ميچ ۾ اسلام آباد هٿان ملتان کي شڪست |
ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پي ايس ايل جي آخري رائونڊ ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. ملتان سلطانز پهرين بيٽنگ ڪندي 7 وڪيٽن جي نقصان تي 192 رنسون اسڪور ڪيون. شان مسعود: 44 رنسون عرفات منهاس: 31 رنسون صاحبزاده فرحان ۽ اسٽيو اسمٿ: 30-30 رنسون اسلام آباد پاران سڀني 6 بالرن هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. جواب ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ مقرر حدف 19هين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو. نيوزيلينڊ جي آل رائونڊر مارڪ چپمين 33 بالن تي 4 چوڪن ۽ 6 ڇڪن جي مدد سان 69 رنسن جي جارحاڻي ۽ ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي، جڏهن ته ڪپتان شاداب خان 36 رنسون بنايون. هن جيت جي نتيجي ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ 13 پوائنٽس سان گڏ ٻي پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي. هاڻي ڪواليفرائر ۾ ان جو مقابلو 28 اپريل تي ڪراچي ۾ پشاور زلمي سان ٿيندو.