| پي ايس ايل جو سرڪاري مرچنڊائيز پليٽ فارم قائم ڪرڻ جو فيصلو، گذريل ايونٽ تي اطمينان جو اظهار |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي جي صدارت هيٺ پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي انتظاميا ۽ فرنچائز مالڪن جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايڇ بي ايل پي ايس ايل جي يارهين سيزن جي ڪامياب انعقاد جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس دوران ايندڙ ايڇ بي ايل پي ايس ايل سيزن جي تيارين تي پڻ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو ويو ته ايندڙ سيزن جي ونڊو، پليئنگ ڪنڊيشنز، ڊائريڪٽ سائننگ ۽ رانديگرن جي ريٽينشن بابت جلد ورڪشاپ منعقد ڪيا ويندا. اجلاس ۾ يارهين سيزن ۾ آندل تبديلين ۽ 44 ميچن دوران ڪرڪيٽ جي معيار جو به جائزو ورتو ويو. ايڇ بي ايل پي ايس ايل 11 دوران سوشل ميڊيا، اسٽريمنگ پليٽ فارمن ۽ ٽي وي تي رڪارڊ ويورشپ حاصل ٿي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سخت حالتن باوجود ايڇ بي ايل پي ايس ايل جي ڪامياب انعقاد تي پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ۽ سندس ٽيم کي ساراهيو. اجلاس ۾ آف سيزن ۽ پري سيزن دوران مداحن لاءِ مختلف سرگرمين جي انعقاد تي پڻ غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پي ايس ايل ۽ سڀني اٺن فرنچائزز جي گڏيل سهڪار سان ليگ جو آفيشل مرچنڊائز پليٽ فارم پڻ شروع ڪيو ويندو. ايڇ بي ايل پي ايس ايل جي گورننگ ڪائونسل جو اهم اجلاس آگسٽ جي آخري هفتي ۾ ٿيندو، جڏهن ته اجلاس جي جاءِ ۽ وقت جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو. اجلاس ۾ پي ايس ايل جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سلمان نصير، پي سي بي جي چيف فنانشل آفيسر جاويد مرتضيٰ، ڊائريڪٽر پي ايس ايل عثمان واھلا ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.