پي ايس ايل جو نئون دور، ضابطن ۾ وڏيون تبديلون

پي ايس ايل جو نئون دور، ضابطن ۾ وڏيون تبديلون

لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي يارهين ايڊيشن جي افتتاحي ميچ ۾ هڪ نئين ۽ دلچسپ روايت نظر آئي. ڪالهه، لاهور قلندرز جي ڪپتان شاهين شاهه آفريدي ۽ حيدرآباد ڪنگزمين جي ڪپتان مارنس لبوشين ٽاس جي موقعي تي ٻه ٽيم شيٽس سان ميدان ۾ آيا. ٻنهي ڪپتانن ٽاس جي نتيجي مطابق پنهنجي حتمي پليئنگ اليون جي چونڊ ڪئي جيڪا پي ايس ايل جي نئين ضابطن تحت ممڪن بڻي. نئين ضابطن موجب، هر ڪپتان ٽاس کان اڳ ميچ ريفري کي ٻه مختلف ٽيم ڪامبينيشن جمع ڪرائي سگهي ٿو، ٽاس کان پوءِ، انهن مان ڪنهن هڪ حتمي ٽيم جي چونڊ ڪرڻي پوندي جنهن بعد ڪپتان جي اجازت کانسواءِ تبديلي نه ڪري سگهبي هي قاعدو خاص طور تي نائيٽ ميچن لاءِ اهم آهي، ٻئي اننگز ۾، اسپنرز کي بال بابت شڪايت هجي ٿي، نئين ضابطن تحت پهريان بيٽنگ ڪندڙ ٽيم اضافي فاسٽ بالر شامل ڪري سگهندي، ٻي بيٽنگ ڪندڙ ٽيم بيٽنگ لائن کي مضبوط ڪري سگهي ٿي.