| پي ايس ايل جي لوگو ۾ پهريون ڀيرو اردو ٻولي جو استعمال |
لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ جي يارهين ايڊيشن لاءِ هڪ نئون ۽ منفرد لوگو جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پهريون ڀيرو قومي ٻولي استعمال ڪئي وئي آهي.دنيا جي مشهور ڪرڪيٽ ليگن مان هڪ، پاڪستان سپر ليگ جو 11 هون ايڊيشن هن مهيني کان شروع ٿي رهيو آهي. هن ايڊيشن لاءِ هڪ نئون ۽ منفرد لوگو جاري ڪيو ويو آهي.پي ايس ايل جي آفيشل اڪائونٽ تي جاري ڪيل، هن لوگو ۾ پهريون ڀيرو قومي ٻولي اردو استعمال ڪئي وئي آهي،اردو ۾ يارهن خوبصورت اکرن ۾ لکيل آهي.ڪرڪيٽ جا شوقين هن لوگو ۾ قومي ٻولي اردو جي استعمال کي ساراهي رهيا آهن.