| پي ايس ايل جي 26 مارچ کان شروعات، نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي جي وري تعمير، نياز اسٽيڊيم حيدرآباد کي تيار ڪرڻ جو اعلان |
نيويارڪ (اسپورٽس نيوز) ايچ بي ايل پي ايس ايل ايندڙ سال 26 مارچ کان شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. فائنل 3 مئي تي کيڏيو ويندو. انگلينڊ ۾ ڪاميابي کان پوءِ ايچ بي ايل پاڪستان سپر ليگ روڊ شو پهريون ڀيرو نيويارڪ ۾ منعقد ڪيو ويو. پي سي بي چيئرمين محسن نقوي، ٽي 20 ڪپتان سلمان علي آغا، صائم ايوب، ابرار احمد، فهيم اشرف، سعود شڪيل، شان مسعود، اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم، رميز راجا ۽ ٻين نيويارڪ روڊ شو ۾ شرڪت ڪئي. آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ چيو ته رانديون سفارتڪاري ۽ ثقافتن جي سڃاڻپ جو ذريعو آهن. قومي ڪرڪيٽرن شان مسعود، سلمان علي آغا ۽ سعود شڪيل پي ايس ايل جا پنهنجا تجربا شيئر ڪيا. ابرار احمد، فهيم اشرف ۽ صائم ايوب پڻ پي ايس ايل جي اهميت بابت ڳالهايو. پي سي بي چيئرمين محسن نقوي پي ايس ايل جي تاريخن جو اعلان ڪندي ان کي دنيا جي نمبر ون ليگ بڻائڻ جو عزم ظاهر ڪيو. اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم ۽ رميز راجا موجب، پي ايس ايل نوجوان ڪرڪيٽرن لاءِ بهترين پليٽ فارم آهي. روڊ شو ۾ ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم جي نئين سر تعمير ۽ مظفر آباد ۽ حيدرآباد اسٽيڊيمز کي ترقي ڏيڻ جو اعلان به ڪيو ويو.