پي ايس ايل: حيدرآباد ٽيم جي ڪِٽ غيرمعياري، رنگ ڦِٽڻ لڳو، اڇو بال گلابي ٿي ويو

پي ايس ايل: حيدرآباد ٽيم جي ڪِٽ غيرمعياري، رنگ ڦِٽڻ لڳو، اڇو بال گلابي ٿي ويو

لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي 11 هين ايڊيشن جي افتتاحي ميچ دفاعي چيمپيئن لاهور قلندرز ۽ حيدرآباد ڪنگزمين جي وچ ۾ کيڏي وئي، لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل هن ميچ ۾ بال جي رنگ بدلجڻ جو هڪ دلچسپ ۽ غير معمولي واقعو ڏٺو ويو، جنهن جي ڪري بال کي تبديل ڪرڻو پئجي ويو.حيدرآباد ڪنگزمين جي ٽيم هڪ ميرون رنگ جي ڪٽ پهري هئي، جنهن جو رنگ اڇي بال کي لڳو ته اهو هلڪو گلابي ٿي ويو، جنهن جي ڪري بيٽرن لاءِ بال ڏسڻ مشڪل ٿي ويو.حيدرآباد ڪنگزمين جي آفيشل ايڪس اڪائونٽ لاهور قلندرز کي انهن جي فتح تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو، “مخالف کي انهن جي پهرين گلابي بال ميچ کٽڻ تي مبارڪون هجن. ميچ کان پوءِ پريس ڪانفرنس ۾، ڪنگس مين ڪپتان مارنس لبوشين چيو ته هن امپائرن کي ٻئي اوور ۾ مسئلي بابت آگاهه ڪيو هو. هن چيو ته جيتوڻيڪ بال کي ڪڏهن ڪڏهن پيڊ يا بيٽ جو رنگ لڳندو آهي، پر هن اڳ ڪڏهن به اهڙو منظر نه ڏٺو هو جو ڪپڙن جو رنگ لڳي وڃي. لبوشين اميد ظاهر ڪئي ته ايندڙ ميچ کان اڳ مسئلو حل ٿي ويندو.ٻئي طرف، قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ کان پوءِ، فاسٽ بالر حارث رؤف چيو ته اهو ممڪن آهي ته بال تي رنگ گرائونڊ جي سيٽن مان به آيو هجي، پر ان جي تصديق ڪرڻ ڏکيو آهي.