| پي ايس ايل سيزن 11 جو گيت کلين گي بيٽ پر وائرل |
لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ سيزن 11جو گيت کيلين گي بيٽ پر سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو .پي ايس ايل 11 جو گيت کيلين گي بيٽ پر ناليواري گلوڪار عاطف اسلم سان گڏ آئما بيگ، صابري سسٽرز(انعم ۽ صنم) ۽ ريپر دانيه ڪنول پنهنجي آواز جو جادو جاڳايو آهي. حسن نالي واهپيدار چيو ته ”هي پي ايس ايل جي تاريخ جو هينئر تائين جو بهترين ترانو آهي.“ ارسلان جٽ لکيو ته ”مان هن تراني کي گاڏي ۾ وڏي آواز تي ٻيهر هلايو ته جيئن مناسب انداز ۾ جائزو وٺي سگهان پر دانيا وارو حصو واقعي هڪ الڳ ليول جو آهي، باقي ترانو ايڏو متاثر ڪندڙ ناهي.“ فاطمه نالي واهپيدار تبصرو ڪندي چيو ته ”گروو ميرا کانپوءِ هنن ڪجهه سٺو ٺاهيو ئي ناهي.“ مهوش چيو ته ”هي پي ايس ايل جو ترانو گهٽ ۽ پيپسي جو اشتهار وڌيڪ لڳي ٿو. “ هڪ ٻئي واهپيدار جو چوڻ هو ته ”موسيقي، ڌن، آواز ۽ گرافڪس سڀ غير معمولي، پر گاني جا ٻول معمولي آهن.“ حسن زاهد موجب، ”پي ايس ايل جو ترانو هر سال بد کان بدتر ٿيندو پيو وڃي.“ هڪ ٻئي واهپيدار جو چوڻ هو ته”نصيبو لعل جو پي ايس ايل ۾ ڳايل ترانو هن کان گهڻو بهتر هو.“ زهرا نالي واهپيدار لکيو ته ” ”هر سيزن سان گڏ ترانو خراب ٿيڻ جو ڪارڻ اهو آهي ته ٻولن واري پاسي ڪنهن جو ڌيان ئي ناهي، رڳو بيٽ ۽ گوڙ رهجي ويو آهي.“ ڪيترن ئي واهپيدارن جو اهو به چوڻ هو ته نئون ترانو سٺو آهي، ماڻهو اجائي تنقيد ڪري رهيا آهن، ڪرڪيٽ جا ترانا ائين ئي هوندا آهن.