پي ايس ايل شيڊيول تحت خميس کان ئي شروع ٿيندي: افتتاحي تقريب ملتوي: شوقينن جي اسٽيڊيم اچڻ تي پابندي

پي ايس ايل شيڊيول تحت خميس کان ئي شروع ٿيندي: افتتاحي تقريب ملتوي: شوقينن جي اسٽيڊيم اچڻ تي پابندي

لاهور (اسپورٽس نيوز) پي ايس ايل شيڊيول تحت خميس کان ئي شروع ٿيندي. افتتاحي تقريب ملتوي ڪئي وئي جڏهن ته شوقينن جي اسٽيڊيم اچڻ تي پابندي هوندي، تفصيل موجب لاهور ۾ چيئرمين محسن نقوي جي صدارت هيٺ پي سي بي جو هنگامي اجلاس ٿيو جنهن ۾  خطي ۾ جاري جنگ سبب پي ايس ايل سيزن 11 کي پيش ايندڙ صورتحال جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ پاڪستان سپر ليگ سيزن 11کي رڳو ٻن شهرن لاهور ۽ ڪراچي تائين محدود ڪرڻ ۽ شوقينن جي اسٽيڊيمز ۾ موجودگي کانسواءِ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو . مشاورتي اجلاس بعد پريس ڪانفرنس ڪندي پي سي بي چيئرمين محسن نقوي چيو ته پي ايس ايل  جي افتتاحي تقريب منسوخ ڪئي وئي آهي، ميچز پنهنجي شيڊول موجب 26 مارچ  کان شروع ٿينديون، شائقين کي نه گهرايو ويندو، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پي سي بي چيئرمين چيو ته پي ايس ايل منعقد ڪرڻ بابت مشاورت ڪري فيصلو ڪيو آهي ته ليگ شيڊول موجب 26 مارچ کان شروع ٿيندي، پي ايس ايل هڪ انٽرنيشنل برانڊ آهي، جنهن ۾ پرڏيهي رانديگر به شامل آهن، ان ڪري ايونٽ کي ملتوي ڪرڻ ممڪن نه هو، ڇاڪاڻ ته اڳيان ڪا به ونڊو دستياب ناهي، پي ايس ايل جون ميچز صرف ٻن شهرن ڪراچي ۽ لاهور ۾ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان نئون شيڊول ڏينداسين، جنهن ۾ ٽيمز جي موومينٽ گهٽ هوندي، پي سي بي چيئرمين ٻڌايو ته افتتاحي تقريب  کي منسوخ ڪيو ويو آهي، خرچ گهڻو نه ٿيندو، فرنچائيز  کي گيٽ مني پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ادا ڪندو، موجوده صورتحال ۾ شائقين کان بغير ميچز ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، فينز ٽڪيٽ جا پئسا واپس وٺي سگهن ٿا، شائقين کان معذرت خواهه آهيون.