پي ايس ايل فائنل جون ٽڪيٽون اڄ شام کان آن لائن تي دستياب هونديون: ٽي سي ايس تان به وڪرو

پي ايس ايل فائنل جون ٽڪيٽون اڄ شام کان آن لائن تي دستياب هونديون: ٽي سي ايس تان به وڪرو

لاهور(اسپورٽس نيوز) پي ايس ايل 11 جو فائنل 3 مئي تي لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو. پي سي بي جي پڌرائي موجب فائنل جون ٽڪيٽون اڄ 27 اپريل شام 4 وڳي کان آن لائن (pcb.tcs.com.pk) تي دستياب هونديون، جڏهن ته فزيڪل ٽڪيٽون اڱاري ڏينهن صبح 10 وڳي کان لاهور جي 18 مقرر ڪيل ٽي سي ايس سينٽرن تان حاصل ڪري سگهبيون. ٽڪيٽن جون قيمتون: جنرل انڪلوژرز: 1500 رپيا فرسٽ ڪلاس انڪلوژرز: 2000 رپيا,پريمنيم انڪلوژرز: 4000 رپيا وي آءِ پي انڪلوژرز: 6000 رپيا وي سي آءِ پي (وقار يونس): 8000 رپيا ظهير عباس انڪلوژر: 10,000 رپيا پي سي بي گيلري: 12,000 رپيا