پي ايس ايل فائنل لاءِ آن لائن ٽڪيٽن جو وڪرو شروع ٿي ويو

پي ايس ايل فائنل لاءِ آن لائن ٽڪيٽن جو وڪرو شروع ٿي ويو

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) سيزن 11 جي فائنل لاءِ آن لائن ٽڪيٽن جو وڪرو شروع ٿي ويو. پاڪستان سپر ليگ جي فائنل جون فزيڪل ٽڪيٽون اڄ صبح کان مقرر ڪيل ڪوريئر سينٽرز تي دستياب هونديون. فائنل ميچ لاءِ ٽڪيٽ جي گهٽ ۾ گهٽ قيمت 1500 رپيا رکي وئي آهي، جڏهن ته سڀ کان مهانگي ٽڪيٽ 12 هزار رپين ۾ ملي سگهندي. واضح رهي ته پي ايس ايل 11 جو وڏو فائنل 3 مئي تي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏيو ويندو. وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان سپر ليگ جي يارهين ايڊيشن جي فائنل لاءِ تماشائين کي اسٽيڊيم اچڻ جي اجازت ڏني آهي.