پي ايس ايل لاءِ ٽڪيٽن جو وڪرو شروع ٿيندو: تفصيل جاري

پي ايس ايل لاءِ ٽڪيٽن جو وڪرو شروع ٿيندو: تفصيل جاري

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي ٽڪيٽن جي وڪرو شروع ٿي ويو. ذريعن موجب، پاڪستان سپر ليگ جون ٽيڪٽون هڪ خانگي ڪوريئر ڪمپني جي ويب سائيٽ ذريعي بُڪ ڪرائي سگهجن ٿيون. پي ايس ايل جي تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو هوندو جڏهن اٺ ٽيمون ڇهن مختلف هنڌن تي ميچون کيڏنديون. پي ايس ايل جو يارهون سيزن 26 مارچ تي لاهور ۾ شروع ٿيندو، ميگا ايونٽ جي افتتاحي ميچ ۾ دفاعي چيمپيئن لاهور قلندرز ۽ حيدرآباد ڪنگزمين جون ٽيمون دوبدو هونديون. ٽورنامينٽ39 ڏينهن تائين جاري رهندي، جنهن ڪُل 44 ميچون کيڏيون وينديون، جڏهن ته فائنل 3 مئي تي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏيو ويندو.