پي ايس ايل پلي آف مرحلو اڄ کان شروع: پهرين ميچ زلمي ۽ يونائيٽڊ ۾ ٿيندي: تماشائين کي اسٽيڊيم اچڻ جي اجازت

پي ايس ايل پلي آف مرحلو اڄ کان شروع: پهرين ميچ زلمي ۽ يونائيٽڊ ۾ ٿيندي: تماشائين کي اسٽيڊيم اچڻ جي اجازت

لاهور(اسپورٽس نيوز) پي ايس ايل پلي آف مرحلو اڄ کان شروع: پهرين ميچ زلمي ۽ يونائيٽڊ ۾ ٿيندي،  تماشائين کي اسٽيڊيم اچڻ جي اجازت  ملي وئي. تفصيل موجب پاڪستان سپر ليگ جا رائونڊ ميچ مڪمل ٿيڻ بعد 4 ٽيمن پشاور زلمي، اسلام آباد يونائيٽڊ، ملتان سلطانز ۽ حيدرآباد ڪنگزمين پلي آف مرحلي لاءِ ڪوائيليفاءِ ڪري ورتو  آهي جڏهن ته پهرين ميچ پشاور زلمي ۽ اسلام آباد يونائيٽڊ ۾ اڄ ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ اڄ شام 7 وڳي کيڏي ويندي، فاتح ٽيم سڌو سنئون فائنل لاءِ ڪوائيليفاءِ ڪري وٺندي،  هارائيندڙ ٽيم سڀاڻي لاهور ۾ ٿيندڙ ملتان سلطانز  ۽ حيدرآباد ڪنگزمين جي ميچ جي فاتح ٽيم سان کيڏندي ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف پي ايس ايل سيزن 11 جي ٽنهي پلي آف ميچن ۾ به تماشائين کي اسٽيڊيم اچڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ايڪس تي بيان جاري ڪندي چيو ته وزيراعظم پي ايس ايل جي ٽنهي پلي آف ميچن ۾ تماشائين جي اجازت ڏني آهي. محسن نقوي ٻڌايو ته ڪراچي ۽ لاهور ۾ ٿيندڙ پلي آف ميچن ۾ تماشائي اسٽيڊيم اچي سگهندا. پي سي بي چيئرمين محسن نقوي وڌيڪ ٻڌايو ته وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته تماشائي اسٽيڊيم اچڻ لاءِ پبلڪ ٽرانسپورٽ استعمال ڪن. ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان سپر ليگ جي يارهين ايڊيشن جي فائنل لاءِ تماشائين کي اسٽيڊيم اچڻ جي اجازت ڏني هئي.