پي ايس ايل ۾ شامل رانديگرن سمنڊ جو رخ ڪري ورتو

پي ايس ايل ۾ شامل رانديگرن سمنڊ جو رخ ڪري ورتو

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ ۾ شريڪ رانديگرن ڪراچي جي سمنڊ جو رخ ڪري ورتو. ملتان سلطانز ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي رانديگرن ڪراچي جي ساحل تي پڪنڪ ملهائي، ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن ٽرٽل بيچ تي وقت گذاريو. پي ايس ايل جي ٽيمن لڳ ڀڳ ٽي ڪلاڪ ساحل تي گذاريا ۽ خوب مھانڊو ڪيو. پڪنڪ جي موقعي تي ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ والي بال جو مقابلو به ٿيو، رانديگرن گهوڙي سواري ۽ جيٽ اسڪي جي سرگرمين ۾ پڻ حصو ورتو.