پي ايس ايل ۾ شامل مسيحي رانديگرن ۽ آفيشلز ايسٽر ڏڻ ملهايو

پي ايس ايل ۾ شامل مسيحي رانديگرن ۽ آفيشلز ايسٽر ڏڻ ملهايو

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پي ايس ايل ۾ شامل مسيحي رانديگرن ۽ آفيشلز ايسٽر ڏڻ وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو . ٿفصيل موجب ڪراڇي ۾ موجود مسيحي رانديگرن مقامي هوٽل ۾ ايسٽر جو ڏڻ ملهايو ۽ هڪ ٻئي کي تحفا پيش ڪيا جڏهن ته ڪراچي ڪنگز جو ڪپتان ڊيوڊ وارنر ۽ ايڊم زمپا موڪل وٺي آسٽريليا ۾ ايسٽر ملهائڻ لاءِ هليا ويا . ڪراچي ڪنگز جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته ٻئي رانديگر اربع تائين واپس ڪراچي پهڇي ٽيم کي جوائن ڪري وٺندا.