پي ايس ايل ۾ ٽيمون امير ٿيڻ بعد رانديگرن جا معاوضا وڌائڻ جي تجويز، کليل نيلامي ڪرڻ جو به آپشن

پي ايس ايل ۾ ٽيمون امير ٿيڻ بعد رانديگرن جا معاوضا وڌائڻ جي تجويز، کليل نيلامي ڪرڻ جو به آپشن

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي پي ايس ايل جي گورننگ ڪونسل اجلاس ۾ رانديگرن جا معاوضا وڌائڻ جي سفارش ڪري ڇڏي. ذريعن موجب پي ايس ايل گورننگ ڪونسل اجلاس ۾ چيئرمين ٽيم مالڪن کي رانديگرن جا معاوضا وڌائڻ جو مشورو ڏنو. ذريعن موجب چيئرمين پي سي بي محسن نقوي چيو ته مان چاهيان ٿو ته ٽيمن جي مارڪيٽ ويليو وڌائڻ کان پوءِ هاڻ رانديگرن جي معاوضن ۾ به اضافو ٿئي. محسن نقوي ٽيمن جيان رانديگرن جي به آڪشن جي تجويز ڏني ۽ چيو ته پي ايس ايل 11 جي ڊرافٽ ۾ رانديگرن جو آڪشن ڪرائي پنهنجي مرضي سان رانديگر کنيا وڃن جنهن سان رانديگرن جو فائدو ٿيندو. ذريعن ٻڌايو ته محسن نقوي ٻن نئين ٽيمن کي رانديگر چونڊڻ جي لاءِ هڪ جهڙا موقعا ڏيڻ تي زور ڏنو. پي ايس ايل جي ٻن نئين ٽيمن جي مالڪن کي ڀليڪار چيو ويو ۽ نئين ٽيمن جي ڪامياب نيلامي تي محسن نقوي ۽ پي ايس ايل ٽيمز کي مبارڪباد ڏني وئي.