پي ايس ايل 11: ملتان سلطان ۽ پنڊيز ۾ رانديگرن جي ڏي وٺ

پي ايس ايل 11: ملتان سلطان ۽ پنڊيز ۾ رانديگرن جي ڏي وٺ

پشاور(اسپورٽس نيوز) پي ايس ايل 11 سيزن شروع ٿيڻ کان اڳ ئي ٽيمن ۾ رانديگرن جي رودو بدل تيز ٿي وئي، ملتان سلطان ۽ پنڊيز ۾ رانديگرن جي ڏي وٺ ٿي. تفصيل موجب پاڪستان سپر ليگ جي سيزن 11 هين لاءِ ٽريڊ ونڊو کلندي ئي ٽيمن پنهنجي اسڪواڊ تي نظرثاني بعد تبديليون تيز ڪري ڇڏيون آهن، پي ايس ايل ۾ شامل نئين فرنچائز پنڊيز ملتان سلطانز کان نوجوان بالر سعد مسعود حاصل ڪري ورتو  آهي. ملتان سلطانز سعد مسعود جي بدلي ۾ پنڊيز کان اڃا ڪوبه رانديگر حاصل نه ڪيو  آهي پر ملتان سلطانز جي انتطاميا ان جي جاءِ تي متبادل رانديگر لاءِ غور ويچار ڪري رهي آهي. ملتان سلطانز جي صدر جو چوڻ آهي ته سعد مسعود لاءِ نيڪ خواهشون آهن سندس ڪاميابي لاءِ دعا ڪنداسين.