| پي ايس ايل 11 ۾ رانديگرن تي انعامن جي برسات: بابر اعظم 588 رنسن سان بهترين بيٽر قرار |
لاهور(اسپورٽس نيوز) پشاور زلمي جو سفيان مقيم پليئر آف دي ٽورنامنٽ قرار ٿيو، ليگ جي بهترين بولر سفيان مقيم کي فضل محمود ڪيپ ڏني وئي. پشاور زلمي جي ڪپتان بابر اعظم 588 رنسن سان بهترين بيٽر قرار ٿيو، کيس گولڊن بيٽ ۽ حنيف محمد ڪيپ ڏني وئي. پشاور زلمي جي فرحان يوسف کي بهترين فيلڊر جڏهن ته اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ڪپتان شاداب خان کي بهترين آل رائونڊر قرار ڏنو ويو. پشاور زلمي جو سفيان مقيم پليئر آف دي ٽورنامنٽ قرار ٿيو، ليگ جي بهترين بولر سفيان مقيم کي فضل محمود ڪيپ ڏني وئي، سفيان مقيم ايونٽ ۾ 22 وڪيٽون حاصل ڪيون. ڪوشال مينڊس بهترين وڪيٽ ڪيپر قرار ڏنو ويو، حيدرآباد ڪنگز مين جو حنين شاهه ايمرجنگ پليئر آف دي ٽورنامنٽ قرار ٿيو. آصف يعقوب پي ايس ايل اليون جو بهترين امپائر قرار ڏنو ويو، حيدرآباد ڪنگز مين جي ٽيم کي اسپرٽ آف دي ڪرڪيٽ ايوارڊ ڏنو ويو.