| پي ايس ايل 8 اپريل کان ڪراچي ۾: پشاور ۽ حيدرآباد جون ٽيمون پهچي ويون |
ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پي ايس ايل 11 جي ميچن لاءِ ڪراچي ۾ ٽيمن جي آمد شروع ٿي وئي آهي. پشاور زلمي ۽ حيدرآباد ڪنگز مين جون ٽيمون پهچي ويون آهن. ليگ ميچن لاءِ پريڪٽس اڄ کان شروع ٿيندي ، ڪراچي پي ايس ايل 11 جي 22 ميچن جي ميزباني ڪندو. پهرين ميچ ۾ 8 اپريل تي حيدرآباد ڪنگز مين جو پشاور زلمي سان مقابلو شيڊول آهي. ٻي ميچ 9 اپريل تي ڊبل هيڊرز ۾ کيڏي ويندي. لاهور قلندرز جو مقابلو اسلام آباد يونائيٽيڊ سان 2:30 وڳي ٿيندو، جڏهن ته ٻيو ميچ شام 7 وڳي ڪراچي ڪنگز ۽ پشاور زلمي وچ ۾ شيڊول آهي. ان دوران پشاور زلمي ۽ حيدرآباد ڪنگز مين جون ٽيمون ميچن ۾ حصو وٺڻ لاءِ ڪراچي پهچي ويون.