| پي ايس سي ۾ ميرٽ جي لتاڙ، تعليمي ادارا خانگائڻ خلاف شاگرد سرگرم |
حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحانن ۾ ميرٽ جي لتاڙ، تعليمي ادارن کي خانگائڻ، فين ۾ واڌ خلاف ۽ تعليمي ادارن ۾ امن امان جي بحالي لاءِ سنڌي شاگرد تحريڪ طرفان حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي. ڪانفرنس ۾ شاگردن، تعليمي ماهرن، اديبن، صحافين، وڪيلن هاري ۽ مزدور اڳواڻن سميت مختلف ماڻهن جي شرڪت. ڪانفرنس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ هٿيارن جي نمائش ڳڻتي جوڳي آهي، ناقص سيڪورٽي ۾ ملوث آفيسرن کي پڌرو ڪري ادارتي ڪارروائي ڪري ڪيس داخل ڪيا وڃن. تعليمي ادارن کي هٿيارن کان پاڪ صاف بڻايو وڃي. يونيورسٽين جون فيون گهٽايو وڃن، سمورن شاگردن کي هاسٽل ۽ پوائنٽ بس جي سهولت فراهم ڪئي وڃي. ڪانفرنس کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ساجد حسين مهيسر، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي نويد عباس ڪلھوڙو، سنڌ سنڌياڻي تحريڪ مرڪزي صدر ادي عمراه سمون، سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي آرگنائزر سرمد سائينداد خاصخلي، عوامي تحريڪ جي مرڪزي ليگل ايڊوائيزر ايڊووڪيٽ نجيب الرحمان مھيسر، نامور ليکڪ ۽ سينيئر صحافي دستگير ڀٽي، پي آر ايس ايف جي مرڪزي اڳواڻ اسلم چانڊيو، حيدرآباد هائي ڪورٽ بار اڳواڻ ايڊووڪيٽ نويد جروار، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري علي رضا جلباڻي، ضلعي حيدرآباد جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اشوڪ ڪمار ۽ ٻين خطاب ڪيو. عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ساجد حسين مهيسر چيو ته هڪ منظم سازش ذريعي سنڌ جي تعليم هٿ وٺي تباه ڪئي پئي وڃي. ڪافي علائقن ۾ سرڪاري اسڪولن جو وجود ئي نه آهي ۽ اڪثر ڪري سرڪاري اسڪول هڪ ڪمري وارا آهن، جيڪي وڏيرن جون اوطاقون بڻيل آهن، باقي بچيل اسڪولن ۾ استادن، اسٽاف ۽ فرنيچر جي کوٽ آهي ۽ اڪثر اسڪول ته واشروم جهڙي ضروري شي کان به وانجهيل آهن. هنن چيو ته يونيورسٽين ۾ تعليمي ماهرن بدران ڪرپٽ ڪامورن کي وي سي مقرر ڪري يونيورسٽيون شاگرد دشمن مافيائن جي حوالي ڪيون ويون آهن. بلاول شهباز اتحادي سرڪار ملڪ کي چوري مال سمجهي وڪڻي رهي آهي.