پي ايس 30 گمبٽ-سوڀوديرو تي ننڍي چونڊ: پ پ اميدوار ڪامياب

پي ايس 30 گمبٽ-سوڀوديرو تي ننڍي چونڊ: پ پ اميدوار ڪامياب

گمبٽ(ن پ ا) پي ايس 30 گمبٽ-سوڀوديرو تي ننڍي چونڊ ٿي، 164 پولنگن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پ پ جو اميدوار اسفنديار کرل 48986 ووٽ کڻي اڳتي رهيو، مخالف آزاد اميدوار سيد تصور مهدي 1299 کڻي ٻئي نمبر تي رهيو،  ٽي ايل پي جو اميدوار محمد موسيٰ ٻرڙو ٽئين نمبر تي رهيو.  پ پ اميدوار جي ڪاميابي تي ڪارڪنن ۾ خوشي واري لهر ڇانيل آهي ۽ هڪٻئي کي مبارڪون ڏئي مٺايون کارايون.  پي ايس 30 تي ٽوٽل 254980 ووٽ داخل آهن. جن مان مردن جا 133337 ووٽ ۽ عورتن جا 121943 ووٽ داخل آهن. اليڪشن لاءِ ٽوٽل 164 پولنگ ۽ 592 بوٿ قائم ڪيا ويا. ان موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا.  ياد رهي ته پ پ ايم پي اي نعيم احمد کرل جي لاڏاڻي سبب پي ايس 30 جو تڪ خالي ٿيو، چونڊ ۾ پ پ پاران اسفنديار کرل، آزاد اميدوار تصور مهدي، ٽي ايل پي پاران محمد موسيٰ ٻرڙو، آزاد اميدوار غلام علي اڄڻ حصو ورتو. هڱورجا، سوڀوديرو ۽ ٻين شهرن ۾ پولنگ عمل ٿيو. راڻيپور ۾ 10پولنگن تي پيل ووٽن موجب پ پ اميدوار اسفنديار کرل 2007، ٽي ايل پي اميدوار محمد موسيٰ ٻرڙو 53، آزاد اميدوار سيد تصور عباس 40 ووٽ کنيا. ووٽرن جو ٽرن آئوٽ تمام گهٽ رهيو، سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي هئي. هنڱورجا جي 12 پولنگن تي پ پ جي اسفنديار کرل 6249، آزاد اميدوار سيد تصور 38، ٽي ايل پي اميدوار محمد موسيٰ ٻرڙو 10 ووٽ کنيا، چونڊ دوران مڏ ۽ فقيرآباد جي پولنگ اسٽيشنن تي جھيڙا ٿيا. جهيڙي سبب ڪار جا شيشا ٽٽي پيا. ٻنهي هنڌن تي پوليس پهچي ڪنٽرول ڪرڻ بعد ٻيهر پولنگ جو عمل شروع ڪيو ويو. سوڀيديرو پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پولنگ تي پ پ ڪارڪنن ۾ جھيڙو ٿيو هو،  ڊي سي خيرپور الطاف حسين چاچڙ ۽ ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي گمبٽ سميت مختلف پولنگ اسٽيشنز تي پهچي سيڪيورٽي جا انتظامن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ڊي سي خيرپور ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته پي ايس 30 جي تڪ تي پولنگ جو عمل پرامن رهيو. هر پولنگ تي سي سي ٽي وي ذريعي نگراني ڪئي پئي وڃي. ڪنهن کي به ڌانڌلي ڪرڻ جي اجازت ناهي. هن چيو ته مڏ پولنگ تي جھيڙي جوا طلاع مليو آهي. پرزائيڊنگ آفيسر کي رپورٽ لاءِ چيو آهي. جنهن به پولنگ تي جھيڙي وارو ماحول پيدا ڪيو ان خلاف پرزائيڊنگ جي رپورٽ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو.