پي سي بي جو سعودي عرب ۾ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم تعمير ڪرڻ جو فيصلو: اختيارين سان ڳالهيون

پي سي بي جو سعودي عرب ۾ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم تعمير ڪرڻ جو فيصلو: اختيارين سان ڳالهيون

لاهور (اسپورٽس نيوز) مستقبل ۾ جده پي ايس ايل ميچن جي ميزباني به ڪري سگهندو. پي سي بي سعودي عرب ۾ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم تعمير ڪندو ۽ مستقبل ۾ جده پي ايس ايل ميچن جي ميزباني به ڪري سگهندو، ان حوالي سان شروعاتي طور تي گورننگ بورڊ کان منظوري ورتي وئي آهي، البته اڃا وڌيڪ معاملن تي غور ۽ حتمي معاهدو ٿيڻ باقي آهي. تفصيل موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سعودي عرب ۾ به راند کي هٿي ڏيڻ چاهي ٿو، اتي وڏي انگ ۾ پاڪستانين سميت ايشيائي ماڻهو ڪرڪيٽ راند ۾ گهري دلچسپي وٺن ٿا، سعودي حڪومت به پنهنجي ملڪ ۾ اسپورٽس سرگرمين جي ڀرپور حوصلا افزائي ڪري رهي آهي. ان حوالي سان مختلف قدم کنيا پيا وڃن، پي سي بي جده ۾ ڪرڪيٽ جو اسٽيڊيم ٺاهڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي، گذريل ڏينهن ۾ بورڊ آف گورنرز جي ميٽنگ ۾ به سعودي عرب ڪرڪيٽ فيڊريشن سان ان حوالي سان دلچسپي جي اظهار جي منظوري ورتي وئي هئي. ذريعن موجب سعودي عرب ۾ اسٽيڊيم جي جڳهه چونڊڻ لاءِ مختلف وينيوز جو جائزو به ورتو پيو وڃي، ذريعن ٻڌايو ته اڃا هي معاملو شروعاتي مرحلن ۾ آهي، مقامي اختيارين سان ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾ معاهدي تي صحيحون ڪيون وينديون، جنهن کانپوءِ ڪم جو آغاز ڪيو ويندو. چيئرمين پي سي بي محسن نقوي پنهنجي اسپيڊ جي ڪري مشهور آهن، جيڪڏهن اهڙي ئي انداز ۾ سڀ ڪجهه ٿيو ته ڪانٽريڪٽ کانپوءِ هڪ سال ۾ اسٽيڊيم تيار ٿي سگهي ٿو.