| پي سي بي خلاف ڇو ڳالهايو؟ راشد لطيف نشاني تي، سائبر ڪرائم الزام لڳي ويو، جاچ لاءِ طلب |
ڪراچي (اسپورٽس نيوز) نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ڪرڪيٽر راشد لطيف خلاف سوشل ميڊيا تي هڪ پروگرام تي تڪراري بيان ۽ تبصرا ڪرڻ تي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سينئر مئنيجر ليگل راشد لطيف بابت اين سي سي آءِ کي باضابطه درخواست ڏني ۽ موقف اختيار ڪيو ته هن سوشل ميڊيا تي هڪ يوٽيوب چينل تي هڪ پروگرام دوران ڪرڪيٽر محمد رضوان بابت بيان ڏنو ته جيڪڏهن هو ڪنهن ملڪ جو جهنڊو بلند ڪندو ته ڇا کيس ڪپتاني تان هٽايو ويندو؟ ٻي درخواست ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته هن پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي پي سي بي ۽ ڪجهه لاڳاپيل ماڻهن تي جوا ايپس کي فروغ ڏيڻ جو الزام لڳايو. اين سي سي آءِ اي جي عملدارن موجب راشد لطيف کي ٻن ڪيسن جي پڇا ڳاڇا لاءِ طلب ڪيو ويو جيڪو پيش ٿيو ۽ پنهنجو شروعاتي بيان رڪارڊ ڪيو، جنهن تي نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي راشد لطيف کي هڪ سوالنامو پڻ موڪليو، جنهن جا جواب هو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ انڪوائري آفيسرن کي جمع ڪرائيندو. ذريعن موجب جوابن جي روشني ۾ جاچ کي اڳتي وڌايو ويندو.