اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ آصف زرداري سان مقابلي لاءِ محمود اچڪزئي کي ميدان ۾ لاهي ڇڏيو، سني اتحاد ڪائونسل کيس صدارت لاءِ اميدوار نامزد ڪيو
قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي حمايت ۽ اسٽيبلشمينٽ خلاف تقرير ڪرڻ بعد پاڪستان تحريڪ انصاف پختونخواهه ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي کي صدارتي چونڊ لاءِ پنهنجو اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو
محمود خان اچڪزئي 9 مارچ تي ٿيندڙ صدارتي چونڊ لاءِ پي ٽي آءِ حمايت يافته سني اتحاد ڪائونسل جو اميدوار هوندو
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ آصف زرداري ۽ محمود خان اچڪزئي جا نامزدگي فارم جمع ٿي ويا آهن جڏهن ته وڏي وزير مراد علي شاهه به سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آصف زرداري جا نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا
صدارتي چونڊن لاءِ اسلام آباد ۾ ٽن عام شهرين به نامزدگي فارم جمع ڪرايا آهن پر اصل دنگل آصف زرداري ۽ محمود خان اچڪزئي وچ ۾ ٿيندو
پيپلزپارٽي جي اُميدوار آصف زرداري کي نواز ليگ جي حمايت حاصل آهي، اليڪشن ڪميشن جي شيڊول موجب صدارتي چونڊون 9 مارچ تي ٿيندي، پارليامينٽ ۽ چئني صوبائي اسيمبليز ۾ پولنگ ڪئي ويندي