پي ٽي آءِ اجلاسن مان 10 ميمبرز غائب: بشريٰ پاران عهدا ۽ ٽڪيٽون احتجاج سان مشروط
نومبر 19, 2024
پشاور (م ڊ) وزيراعليٰ هائوس پشاور ۾ پي ٽي آءِ جي احتجاج بابت مختلف اجلاسن ۾ 10 ميمبرز غائب رهيا، عاطف خان ۽ جنيد اڪبر سوڌو ڪجهه اسيمبلي ميمبرز ڪنهن به اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي، پي ٽي آءِ اڳواڻ عاطف خان چيو آهي ته اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ميسيج آيو هوندو، پر ڏٺو ناهي، اجلاس ۾ وڃڻ ضروري ناهي، احتجاج لاءِ ورڪرز کي ٻاهر ڪڍڻ اهم آهي، اسان هر صورت ۾ اسلام آباد وينداسين، ڪي پي ۾ سُڌ سماءَ بابت صلاحڪار بئريسٽر سيف چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني ۽ سياسي قيدين کي آزاد ڪري مئنڊيٽ واپس ڪرڻو پوندو، مطالبن جي مڃتا تائين واپسي جي ڪابه گنجائش ناهي، احتجاج آڏو رنڊڪون هٽائڻ جو سمورو بندوبست ڪيو اٿئون، پهرين به رنڊڪون ٽوڙي اسلام آباد ويا هئاسين، هاڻي به پهچي وينداسين.
پشاور (م ڊ) بشريٰ بي بي پي ٽي آءِ ۾ عهدو ۽ پارٽي ٽڪيٽ کي احتجاج ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ سان مشروط ڪري ڇڏيو، پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي هر صورت ۾ اسلام آباد پهچڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ذريعن موجب بشريٰ بي بي چيو آهي ته احتجاج ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙن کي عهدا ۽ پارٽي ٽڪيٽس ڏنيون وينديون، ذريعن جو چوڻ آهي ته بشريٰ بي بي جي موقف تي پي ٽي آءِ پارليامينٽيرينز، صوبائي وزيرن ۽ اڳواڻن خدشن جو اظهار ڪيو، پي ٽي آءِ اڳواڻ شوڪت يوسفزئي خبرن تي ردعمل ۾ چيو آهي ته بشريٰ بي بي ڪنهن کي به عهدن ۽ ٽڪيٽس جي آڇ نه ڪئي آهي، نه ئي اُنهن کي احتجاج سان مشروط ڪيو آهي، تحريڪون لالچ نه، پر جذبي سان هلنديون آهن.
پي ٽي آءِ جو احتجاج: اسلام آباد ۾ 2 مهينن لاءِ قلم 144 لاڳو
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ جي احتجاج واري سڏ جي روشني ۾ وفاقي راڄڌاني ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو، اسلام آباد ۾ 2 مهينن لاءِ مذهبي ۽ سياسي اجتماعن تي پابندي لڳائي وئي، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد پاران قلم 144 تحت پابندين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، شهر ۾ 5 يا اُن کان وڌيڪ ماڻهن جي ميڙ تي پابندي لاڳو هوندي. پي ٽي آءِ 24 نومبر تي احتجاج جو اعلان ڪيو آهي.
مراد سعيد احتجاج ۾ آيو ته عمران ۽ فيض نه بچي سگهندا: واوڊا
اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ جي اڳواڻ لطيف کوسه چيو آهي ته باني پي ٽي آءِ هلندڙ مهيني ئي آزاد ٿيندو، حڪومت جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن، خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهيندي هن چيو ته ڪير ڪجهه به چئي باني کي آزاد ڪري رهنداسين، ان دوران فيصل واوڊا جو چوڻ هو ته مراد سعيد احتجاج ۾ آيو ته عمران ۽ فيض حميد کي ڪير بچائي نه سگهندو. پي ٽي آءِ ڌڙابندي جو شڪار ٿي وئي، هڪ ايم پي اي 50 ماڻهو به آندا ته آئون سلام ڪندس. باني پي ٽي آءِ طرفان هي آخري ڪال آهي، ان کانپوءِ فيز سيڪنڊ لاسٽ ۽ ان کانپوءِ ايندڙ فيز لاسٽ هوندو.
عمران تان هڪ وڌيڪ ڪيس ختم: آزاد ڪرڻ جو حڪم
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) باني تحريڪ انصاف، فيصل واوڊا، شيخ رشيد، صداق عباسي ۽ ٻين خلاف ٿاڻي آبپاره ۾ ايمپلي فائر ايڪٽ ۽ قلم 144 جي خلاف ورزي تي ڪيس ۾ جوڊيشل مئجسٽريٽ ياسر محمود چوڌري باني تحريڪ انصاف سميت ٻين جي بريت واري درخواست تي لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. جاري ڪيل فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪيس جو ٽرائل هلايو وڃي ها تڏهن به سزا جو امڪان نه هيو. پراسيڪيوشن موقف اختيار ڪيو ته 1000 کان 12 سو ماڻهن پوليس تي حملو ڪيو. عدالت پاران دلچسپ ڳالهه نوٽ ڪئي وئي ته 1000 کان 1200 ماڻهن جي حملي ۾ هڪ به پوليس اهلڪار زخمي ناهي ٿيو. پراسيڪيوشن پاران پيش ڪيل ڪهاڻي شڪي آهي. باني تحريڪ انصاف، فيصل واووڊا، شيخ رشيد سميت سمورن جوابدار کي بري ڪيو وڃي ٿو. لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته باني تحريڪ انصاف ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ناهي ته کيس آزاد ڪيو وڃي.
عمران، عمر ايوب، شبلي، مراد، حماد جي پرڏيهه وڃڻ تي پابندي
راولپنڊي (م ڊ) راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي تي جي ايچ ڪيو حملي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان سميت نامزد سڀني جوابدارن جي ٻاهرين ملڪ سفر تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي. راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدارن کي ٻاهرين ملڪ وڃڻ کان روڪڻ لاءِ ڊي جي اميگريشن کي خط موڪلي ڇڏيو، جي ايچ ڪيو حملي ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي ٻاهرين ملڪ روانگي عدالت جي اجازت سان مشروط آهي. جوابدارن جي ٻاهرين ملڪ سفر تي پابندي دهشتگردي روڪ ايڪٽ جي قلم 28 اي تحت لڳائي وئي آهي. جي ايچ ڪيو حملي ڪيس ۾ عمران خان کانسواءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب، شبلي فراز، شهباز گل، مراد سعيد، حماد اظهر، زلفي بخاري، صداقت عباسي، راجا بشارت ۽ ٻيا نامزد آهن.
9مئي ڪيسز ۾ نئون موڙ، 3 سلطاني شاهد اعترافي بيان تان ڦري ويا
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) 9 مئي ڪيسز ۾ نئون موڙ، پراسيڪيوشن ٽيم تحريڪ انصاف جي ٽن اڳواڻن صداق عباسي، واثق عباسي ۽ عمر تنوير بٽ متعلق پنهنجو بيان واپس وٺندي چيو آهي ته ٽئي جوابدار سلطاني شاهد ناهن رهيا. اقبالي بيان کان ڦري ويا آهن. دهشتگردي ٽوڙ عدالت راولپنڊي جي جج امجد علي شاهه 9 مئي متعلق 13 ڪيسز جي ٻڌڻي ڪئي. شيخ رشيد، عمر ايوب، بابر اعواڻ، راجه بشارت، ڪنول شوزب ۽ شيري مزاري عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالتي عملي پاران اڳواڻن کي حاضري لڳائي وڃڻ جي اجازت ڏني. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 2 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
توشا خانه ڪيس: عمران ۽ بشريٰ تي فرد جرم لاڳو نه ٿيو
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڊيالا جيل ۾ توشا خانه ٽو ڪيس جي ٻڌڻي اسپيشل جج سينٽرل شاهه رخ ارجمند ڪئي. توشا خانه ٽو ڪيس ۾ باني تحريڪ انصاف ۽ بشريٰ بي بي تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو. ٻڌڻي دوران تحريڪ انصاف جي باني کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. جڏهن ته ميڊيڪل بنيادن تي بشريٰ بي بي جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪرائي. پراسيڪيوشن ٽيم مخالفت ڪندي چيو ته ميڊيڪل رپورٽ تي نه ڪو سيريل نمبر آهي ۽ نه ئي صحيح آهي، هي دير وارا حربا استعمال ڪري رهيا آهن، پراسيڪيوٽر عدالت کان استدعا ڪئي ته بشريٰ بي بي جا وارنٽ جاري ڪيا وڃن. عدالت حڪم ڏنو ته بشريٰ ايندڙ ٻڌڻي تي پيش نه ٿي ته ضمانت رد ڪئي ويندي، ٻڌڻي 21 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
عمران خلاف اسلام آباد جي مختلف ٿاڻن تي 62 ڪيس داخل
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڳوڻي چيئرمين پي ٽي آءِ خلاف اسلام آباد جي مختلف ٿاڻن تي 62 ڪيس داخل آهن. اسلام آباد پوليس رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي. جسٽس ارباب محمد طاهر اڳوڻي چيئرمين پي ٽي آءِ جي ڀيڻ نورين نيازي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار پاران وڪيل مرزه عاصم بيگ ۽ شابينه شهاب الدين پيش ٿيا. اسلام آباد پوليس پاران ڊي ايس پي ليگل رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي. گذريل ٻڌڻي تي پوليس داخل ڪيسن جي تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائڻ جي لاءِ عدالت کان وقت گهريو هيو.
ڪم ڪريو، نه ته وڏ وزارت تان هٿ کڻو: بشريٰ جي گنڊاپور کي وارننگ
پشاور(م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي وارننگ ڏيندي چيو آهي ته ڪم ڪريو ٻي صورت ۾ اوهان کي وڏ وزارت جي ڪرسي تان هٽايو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته بشريٰ بي بي اهو به پيغام ڏنو آهي ته 24 نومبر تي احتجاج جي موقعي تي غائب رهندڙ اسيمبلي ميمبر يا عهديدار جو پاڻ سان ڪوبه تعلق نه هوندو. ذريعن موجب 24 نومبر تي احتجاج جي تيارين جي حوالي سان پي ٽي آءِ جي گذريل ڏينهن ٿيندڙ اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي جنهن ۾ بشريٰ بي بي اسيمبلي ميمبرز ۽ پارٽي عهديدارن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
علي نواز اعواڻ، عامر مغل ۽ ٻين جا گرفتاري وارنٽ جاري
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت سنگجاڻي ٿاڻي تي ڪيس ۾ علي نواز اعواڻ، عامر مغل ۽ ٻين غير حاضر جوابدارن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. ٿاڻي رمنا ۾ داخل ڪيس ۾ حماد اظهر، مراد سعيد، فرخ حبيب، واثق قيوم ۽ ٻين غير حاضر جوابدارن جي تعميلي رپورٽ طلب ڪئي وئي. اڳوڻي چيئرمين پي ٽي آءِ جي حاضري جي حوالي سان سپرنٽينڊنٽ جيل کان به رپورٽ طلب ڪئي وئي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت اسلام آباد جي جج طاهر عباس سپرا پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف 6 ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي. سمورن ڪيسن ۾ مختلف وقعن تي احتجاج ۽ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ سبب ڪيس دهشتگردي ايڪٽ تحت دخل ڪيا ويا.