پي ٽي آءِ اعلان واپس وٺي، اسان ڪڏهن چيو ته ڪميشن نٿي جڙي سگهي: حڪومت
جنوري 24, 2025
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومتي ڪاميٽي جي ترجمان عرفان صديقي ڳالهيون ختم ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اچڻ ۾ به تڪڙا وڃڻ ۾ به تڪڙا، اسان ڪڏهن چيو ته جوڊيشل ڪميشن نٿي جڙي سگهي، پي ٽي آءِ وارا اسان جو جواب ٻڌي پوءِ ڀلي فيصلو ڪن ها، ڪهڙي تڪڙ هئي، هنن کان 5 ڏينهن به انتظار ڪونه ٿيو، هن چيو اسان ڳالهين جي چوٿين دور لاءِ 28 جنوري جي تاريخ اسپيڪر کي ڏئي چڪا آهيون، حيرت آهي ته هنن ڳالهيون اڳتي وڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جيڪڏهن پي ٽي آءِ ڳالهيون نٿي ڪرڻ چاهي ته لکت ۾ ڪارڻ ٻڌايو وڃي ها، ڳالهين جي دروازي کان ٻاهر نڪرڻ پوءِ واپس ٿيڻ ڏکيو هوندو آهي، پي ٽي آءِ کي اپيل آهي ته ڳالهيون ختم ڪرڻ وارو اعلان واپس وٺي.