اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اميدوارن ۽ ڪارڪنن کي هراسان نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏي
. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ تحريڪ انصاف جي نامزد اميدوارن جي چونڊ مهم جي اجازت ۽ هراسان ڪرڻ کان روڪڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس عامر فاروق، شعيب شاهين ۽ علي بخاري ايڊووڪيٽ جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي
ٻڌڻي دوران وڪيل شعيب شاهين عدالت کي ٻڌايو ته پوليس اسان جي سپورٽرز کي کڻي چئي ٿي ته پي ٽي آءِ کان ڌار ٿي وڃو، اسان جي ماڻهن کي چيو پيو وڃي ته ڪنهن ٻي جماعت ۾ شامل ٿي وڃو، فون ڪالز تي چيو پيو وڃي ته جلسي جي صورت ۾ توهان تي ڪيس داخل ٿيندا
علي بخاري ايڊووڪيٽ عدالت کي ٻڌايو ته جيڪا چونڊ مهم ۽ جلسا ٿيڻا هئا اهي ته ٿي ويا، اڄ آخري ڏينهن آهي، اسان جي پولنگ ايجنٽن کي ڪالز ذريعي ڊيڄاريو پيو وڃي
شعيب شاهين چيو ته جيڪڏهن اسلام آباد جي ماڊل پوليس ائين ڪندي ته پوءِ ڇا تاثر ويندو؟ چيف جسٽس عامر فاورق درخواست تي پي ٽي آءِ اميدوارن ۽ ڪارڪنن کي هراسان ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو