پي ٽي آءِ انٽراپارٽي چونڊ جي استدعا: بيٽ جي ڇا حيثيت، عمران کي ماڻهو سڃاڻن ٿا: اليڪشن ڪميشن
جنوري 25, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڳوڻي چيئرمين تحريڪ انصاف ۽ فواد چوڌري خلاف توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي، پي ٽي آءِ جي وڪيل شعيب شاهين اليڪشن ڪميشن جي نگراني ۾ ٻيهر تحريڪ انصاف انٽرا پارٽي اليڪشن ڪرائڻ جي استدعا ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن ۾ ميمبر سنڌ نثار دراني جي سربراهي ۾ چار رڪني ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. وڪيل شعيب شاهين ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي استدعا ڪندي چيو ته شاهدن جا بيان 15 فيبروري کانپوءِ قلمبند ڪيا وڃن. ڪميشن چيو ته هڪ سال کان وڌيڪ ٿي ويو آهي. وڪيل چيو ته تاثر آهي ته ڪميشن هڪ سياسي جماعت جي سهولتڪاري، ٻئي جماعت کي ٽارگيٽ ڪري رهي آهي. جنهن تي ميمبر اڪرم الله خان چيو ته اليڪشن ڪميشن جو ڪنهن سياسي جماعت طرف جهڪاءُ ناهي. وڪيل شعيب شاهين موقف اختيار ڪيو ته چونڊن جو دور آهي ۽ پنجاب ۾ 144 قلم لاڳو ڪيو ويو آهي. ميمبر اڪرام الله خان چيو ته هي معاملا انتظاميا جا آهن. اليڪشن ڪميشن انهن کي ناهي ڏسندي. جلسي ۾ ڪو دهشتگرد گهڙي اچي ته ڪميشن ڇا ڪري سگهي ٿي. وڪيل شعيب شاهين چيو ته اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف کان نشان واپس وٺي پابندي لڳائي ڇڏي. ميمبر ڪميشن اڪرام الله خان چيو ته ماڻهو اڳوڻي چيئرمين تحريڪ انصاف کي سڄاڻن ٿا بيٽ جي ڇا حيثيت آهي. اسلام آباد جي هر تڪ تي پوسٽرز تي اڳوڻي چيئرمين عمران خان جون وڏيون وڏيون تصويرون لڳل آهن. وڪيل چيو ته اليڪشن ڪميشن جي نگراني ۾ ٻيهر انٽرا پارٽي اليڪشن ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون. نشان وٺي پنجن سالن لاءِ پارٽي تحليل ڪئي وئي. ڪميشن فواد چوڌري کي نوٽيس جو جواب جمع ڪراڻ لاءِ 21 فيبروري تائين مهلت ڏني. ميمبر نثار دراني چيو ته فواد چوڌري کي ضرورت پئي ته پروڊڪشن آرڊر جاري ڪنداسين. ڪيس جي ٻڌڻي 20 فيبروري تائين ملتوي ڪئي وئي.