سوات (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻن جا شرپسندن جا واٽس ايپ تي رابطا سامهون اچي ويا گرفتارين لاءِ شاهه محمود جي اوطاق ۽ مراد سعيد جي گهر تي ڇاپا هنيا ويا ذريعن موجب سوات ۾ پوليس ۽ ايليٽ فورس پي ٽي آءِ اڳواڻ مراد سعيد جي گهر تي ڇاپو هنيو سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اهلڪار در نه کولڻ تي گيٽ ٽپي اندر داخل ٿيا پر مراد سعيد گهر ۾ موجود نه هو جنهن ڪري اهلڪار واپس موٽي ويا
مردان ۾ پي ٽي آءِ جي وڌيڪ 11 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته ملتان ۾ شاهه محمود قريشي جي اوطاق تي به ڇاپو هنيو ويو جنهن دوران ڊرائيور سميت 3 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو