| پي ٽي آءِ اڳواڻ آزاد ڪريو: اڳوڻن اڳواڻن جو وزيراعظم کي خط |
اسلام آباد (م ڊ) سياسي مفاهمت کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ نيشنل ڊائيلاگ ڪميٽي (اين ڊي سي) قائم ڪندڙ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳوڻن اڳواڻن جي هڪ گروپ باضابطه طور تي وزيراعظم شهباز شريف سان رابطو ڪندي ڪوٽ لکهپت جيل ۾ قيد پارٽي جي سينئر اڳواڻن کي پيرول تي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ڪميٽي جو موقف آهي ته انهن اڳواڻن جي آزادي گڏيل ڳالهين واري عمل جي قيادت، ساک ۽ نتيجو ڏيڻ لاءِ ضروري آهي. ڪميٽي طرفان 23 ڊسمبر تي وزيراعظم کي اماڻيل خط ۾ اپوزيشن خاص طور تي پي ٽي آءِ سان ڳالهين جي آڇ جي آجيان ڪندي انهي کي ملڪ کي پيش ايندڙ سياسي، معاشي ۽ بحرانن کي نظر ۾ رکندي هڪ سنهري موقعو قرار ڏنو ويو آهي. ذڪر جوڳي ڳالهه اها آهي ته خط ۾ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جو ذڪر شامل نه آهي، ڌيان انهي ڳالهه تي رکيو ويو آهي ته اڊياله جيل جي ٻاهران موجود سينئر پارٽي قيادت ئي ڳالهين جي عمل جي شروعات ۽ تسلسل ۾ موثر ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. خط ۾ سڀني کان اهم مطالبو ڪوٽ لکهپت جيل ۾ قيد هاءِ پروفائل پي ٽي آءِ اڳواڻن جي آزادي بابت آهي جن ۾ شاهه محمود قريشي، ڊاڪٽر ياسمين راشد، عمر سرفراز چيمه، ميان محمودالرشيد ۽ا ڳوڻو سينيٽر اعجاز چوڌري شامل آهن. ڪميٽي جو چوڻ آهي ته انهن اڳواڻن کي پيرول تي آزاد ڪيو وڃي ته جيئن اهي ڳالهين جي عمل ۾ موثر انداز سان قيادت ۽ شرڪت ڪري سگهن. لکيل خط موجب ڪميٽي سمجهي ٿي ته ڳالهين جي ڪاميابي جو دارومداد عملي ڀروسي جي قدمن تي آهي. قيد پي ٽي آءِ اڳواڻن جي آزادي سان هڪ مثبت ۽ ڀروسي تي ٻڌل ماحول پيدا ٿيندو جنهن سان مختلف سياسي ڌرين جي وچ ۾ گڏيل اعتماد جي بحالي ۾ مدد ملندي. نيشنل ڊائيلاگ ڪميٽي سمورين سياسي پارٽين کي اپيل ڪئي آهي ته اهي مفادن کان مٿانهون ٿي ميثاق جمهوريت ۽ ميثاق معيشت تي اتفاق راءِ لاءِ ڪردار ادا ڪن. جيڪو ڊگهي سياسي استحڪام ۽ معاشي بحالي لاءِ تمام گهڻو ضروري آهي.