پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر حلف نامو ڏيڻ بعد آزاد

مَي 24, 2023

اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل اسد عمر کي جيل مان آزاد ڪيو ويو آهي. کيس عدالت جي حڪم تي آزادي ملي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري اسد عمر کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

اسد عمر طرفان وڪيل بابر اعواڻ ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيو، عدالت ٿري ايم پي او تحت گرفتاري ڪالعدم قرار ڏني. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسد عمر کي پرتشدد احتجاج جو حصو نه بڻجڻ جو حلفي بيان جمع ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو.

جسٽس گل حسن اورنگزيب چيو ته حلفي بيان جي ڀڃڪڙي ٿي ته اسد عمر سياسي ڪيريئر وساري ڇڏي. گڏوگڏ عدالت اسد عمر جا ٽوئيٽ به ڊليٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.

Leave A Comment