اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ افتخار درانيءَ کي اسلام آباد مان گرفتار ڪيو ويو آهي
پارٽي اڳواڻن موجب افتخار درانيءَ کي اسلام آباد مان سندس گهر مان حراست ۾ ورتو ويو، افتخار دراني جي پٽ عماد دراني گرفتاريءَ جي تصديق ڪئي آهي
عماد دراني جو چوڻ آهي ته والد کي بغير ايف آءِ آر ۽ وارنٽ جي گرفتار ڪيو ويو آهي، اهلڪارن گهر ڀاتين جا موبائل فون به تحويل ۾ وٺي ڇڏيا
پي ٽي آءِ اڳواڻ فرخ حبيب ٽوئيٽر تي هڪ تصوير شيئر ڪندي دعويٰ ڪئي ته افتخار درانيءَ جي گرفتاريءَ لاءِ سندس گهر جا دروازا ٽوڙيا ويا