ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ افتخار دراني جي مبينا اعتراض جوڳي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي ان وڊيو جي حوالي سان مختلف ڳالهيون ٿي رهيون آهن
سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ نظر ايندڙ مرد ۽ عورت بابت ڄاڻايو ويو آهي ته وڊيو نظر ايندڙ مرد پي ٽي آءِ جو اڳواڻ ڊاڪٽر افتخار دراني آهي ۽ عورت به پي ٽي آءِ جي ورڪر آهي
سوشل ميڊيا تي به چيو ويو ته افتخار دراني سان گڏ ٻي ڪا عورت ناهي پر اها سندس گهرواري آهي اهو به چيو ويو ته وڊيو جعلي آهي ايڊنگ ذريعي انهي ۾ اهي چهرا شامل ڪيا ويا آهن
افتخار دراني جو چوڻ آهي ته آئون ان وڊيو تي ڪو ردعمل نٿو ڏيڻ چاهيان پر بس ايترو ضرور چوندس ته ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ٺاهيل جعلي مواد ڪنهن صورت قابل قبول ناهي
افتخار دراني چيو ته جيڪڏهن اوهان سمجهو ٿا ته آئون طرح ڊڄي ويندس ته اها اوهان جي ڀل آهي آئون عمران خان کي نه ڇڏيندس جيڪڏهن ائين ڇڏرائڻو آهي ته آئون نه ڇڏيندس