پي ٽي آءِ اڳواڻ سنڌ ٽوڙڻ جو حامي، ورهاڱو قبول ناهي: پ پ

پي ٽي آءِ اڳواڻ سنڌ ٽوڙڻ جو حامي، ورهاڱو قبول ناهي: پ پ

اسلام آباد(م ڊ) پ پ اڳواڻ چيو آهي ته اسان جا سڀ ڪم سنڌ حڪومت ڪندي آهي وفاق نظرانداز ڪيو آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي قانون واري مملڪتي وزير بيرسٽر عقيل ملڪ چيو ته اهو نه ٿو ٿي سگهي ته ٽن صوبن کي ٽوڙيو وڃي ۽ هڪ صوبي لاءِ ٻيو قانون هجي. پي ٽي آءِ جي اڳواڻ سينيٽر عون عباس بپي نون صوبن ۽ سنڌ کي ٽوڙڻ جي حمايت ڪندي چيو ته جيڪب آباد، اوٻاوڙي گهوٽڪي جي ماڻهن کي صوبي جون سهولتون ويجهو ملنديون ته اهي ڪراچي ڇو وڃڻ پسند ڪندا. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ نفيسه شاهه چيو ته وفاق ڪڏهن خيرپور کان پڇيو به ناهي اتي ڪو به وفاقي ڪم ٿيل ناهي اسان کي سڀ ڪجهه سنڌ ڏنو آهي. هن چيو ته سنڌ جو ورهاڱو قبول ناهي اهڙي قرارداد اڳ ۾ به پاس ڪئي آهي هاڻ به ڪري سگهجي ٿي.