پي ٽي آءِ اڳواڻ علي زيدي کي جيل ۾ سموريون سهولتون ڏيڻ جو حڪم

مَي 20, 2023

جيڪب آباد( رپورٽر) جيڪب آباد جي عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ علي زيدي کي جيل اندر سهولتون ڏيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو

 جيڪب آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالغفور ڪلهوڙو جي عدالت ۾ علي زيدي سان جيل ۾ غير انساني ورتاءَ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جيل سپرينٽينڊنٽ به پيش ٿيو

درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته علي زيدي سان جيل انتظاميا پاران غير انساني ورتاءُ ڪيو پيو  وڃي، پي ٽي آءِ اڳواڻ شگر  ۽ بلڊپريشر جو مريض آهي هن کي دوائون به نه پيون ڏنيون وڃن

وڪيل چيو ته جيل انتظاميا اڳوڻي وفاقي وزير سان گهر جي ڀاتين، وڪيلن ۽ دوستن جي ملاقات تي به پابندي هڻي ڇڏي آهي جيڪو عمل قانون جي ڀڃڪڙي آهي

عدالت جيل سپرينٽينڊنٽ کي علي زيدي کي قانون تحت سهولتون فراهم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو

سيشن جج جيل انتظاميا کي علي زيدي سان مائٽن توڙي دوستن سان ملاقات ڪرڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي

درخواست گذار جي وڪيل محمد نواز رند ٻڌايو ته عدالت جيل انتظاميا کي علي زيدي کي سهولتون فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي

Leave A Comment