پي ٽي آءِ اڳواڻ پرڏيهه نه وڃي سگهندا: وڌيڪ 146 اڳواڻن جا نالا نو فلاءِ لسٽ ۾ شامل

مَي 26, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي وڌيڪ 146 اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جا نالا نو فلاءِ لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن جنهن بعد انگ 266 ٿي ويو آهي

ذريعن موجب پوليس، نيب ۽ اينٽي ڪرپشن جي سفارشن بعد نالا نو فلاءِ لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن ۽ لسٽون ايئرپورٽس تي اميگريشن اختيارين کي ڏنيون ويو آهن

گذريل ڏينهن 80 ڄڻن جا نالا نو فلاءِ لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا هئا انهن ماڻهن کي ون ٽائيم پرميشن لاءِ گهرو وزارت کان اجازت وٺڻي پوندي

ذريعن موجب 9مئي واقعن واقعن ۾ ملوث هجڻ جي الزام هيٺ عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي سوڌو مراد سعيد، فواد چوڌري، حماد اظهر، قاسم سوري، اسد قيصر سوڌو 600 کان وڌيڪ اڳواڻن جا نالا نو فلائيٽ لسٽ ۾ شامل ڪيا پيا وڃن

Leave A Comment