پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف توشه خانه ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو

جنوري 9, 2024

پي ٽي آءِ جي باني عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي خلاف توشه خانه ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو، اڊيالا جيل راولپنڊي ۾ احتساب عدالت اسلام آباد جي جج محمد بشير ڪيس جي ٻڌڻي هلائي

 پي ٽي آءِ جي باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي پاران ڏوهه مڃڻ کان انڪار، پي ٽي آءِ جي باني عمران خان تي الزام آهي ته هن 2018 کان 2022 تائين پنهنجي وزارت عظميٰ دوران سعودي عرب جي قيمتي گهڙي سميت مليل پرڏيهي تحفا گهٽ قيمت تي حاصل ڪيا

 انهن تحفن کي بعد ۾ 6 لک 35 هزار ڊالرز ۾ کپائي ڇڏيو، ٻڌڻي دوران بشريٰ بي بي کي 190 ملين پائونڊ ڪيس جون ڪاپيز به فراهم ڪيون ويون

Leave A Comment