اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته سائفر ڪيس ۾ پارٽي جي باني کي رليف ملڻ لاءِ پُراميد آهيون، ڪيس ٻيهر ٽرائل ڪورٽ ڏانهن اُماڻڻ جو امڪان ناهي
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته پراسيڪيوشن پنهنجا سمورا ثبوت پيش ڪري چڪي آهي، اميد آهي ته عدالت جلد فيصلو ٻڌائيندي
سني اتحاد ڪائونسل سان اختلافن جي ترديد ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين ڪائونسل سان اتحاد جو فيصلو درست قرار ڏنو
مخصوص سيٽن لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطي جو اعلان ڪندي هن چيو ته پي ٽي آءِ جون مخصوص سيٽون ڪنهن ٻي پارٽي کي نٿيون ملي سگهن