پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود سبب ملڪ کي سنگين معاشي، سفارتي ۽ سياسي اثرن جو منهن ڏسڻو پيو: سائفر ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري

فيبروري 1, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سائيفر ايڪٽ تحت قائم خاص عدالت سائفر ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود قريشي جي ڪري پاڪستان کي سنگين معاشي، سفارتي ۽ سياسي اثرن جو منهن ڏسڻو پيو

 فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پراسيڪيوشن سمورا شڪ شبها ختم ڪندي ڪيس کي ثابت ڪيو، پي ٽي آءِ جي باني ۽ شاهه محمود قريشي ڄاڻي واڻي پنهنجن قدمن سان اها صورتحال پيدا ڪئي، پي ٽي آءِ جو باني ۽ شاهه محمود قريشي ڏوهاري قرار ٿين ٿا

 تفصيلي فيصلي موجب پراسيڪيوشن جي دليلن مان اهو واضح ٿئي ٿو ته حساس معلومات کي ڳجهو رکڻ جي ذميواري وزيراعظم تي لاڳو ٿئي ٿي، آئين وزيراعظم مان ذميوار رويي جي توقع ڪري ٿو، آئين وزيراعظم کي اهڙي ڪنهن به قدم کان روڪي ٿو جنهن سان پاڪستان جي مفادن کي نقصان پهچي

فيصلي موجب پي ٽي آءِ جي باني وزيراعظم طور آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ سان گڏو گڏ پنهنجي حلف جي به ڀڃڪڙي ڪئي، هن سائيفر جي ڪاپي گم ڪرڻ جو اعتراف به ڪيو، جيڪا بطور وزيراعظم هن جي ذميواري هئي

تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو ته پراسيڪيوشن دليل پيش ڪيا ته شاهدين مان واضح آهي ته پي ٽي آءِ باني شاهه محمود قريشي سان گڏجي پاڪستان جي بين الاقوامي ساک کي نقصان پهچايو، هنن سفارتڪارن ۽ سفارتڪاري جي ساک کي نقصان رسايو

فيصلي موجب ٻنهي جوابدارن جي ڪري پاڪستان کي سنگين معاشي، سفارتي ۽ سياسي نتيجن جو منهن ڏسڻو پيو، ان سان پاڪستان جي معيشت ڪمزو ٿي ۽ قومي سلامتي کي نقصان پهتو، ان سان انهن پرڏيهي قوتن کي فائدو ٿيو جن سان دوستاڻا لاڳاپا ناهن

Leave A Comment