| پي ٽي آءِ تي پابندي ۽ عمران جي اڊيالا مان منتقلي جا افواهه زور وٺي ويا، ملاقات بند: عليمه جي اڳواڻي ۾ جيل ٻاهران ڌرڻو |
راولپنڊي(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف تي پابندي ۽ باني پي ٽي آءِ عمران خان جي اڊيالا جيل مان منتقلي وارا افواهه زور وٺي ويا، ملاقات جو وقت ختم ٿيڻ جو چئي هڪ دفعو ٻيهر باني پي ٽي آءِ کي وارثن ۽ پارٽي اڳواڻن سان ملاقات جي اجازت نه ڏني وئي، جنهن تي هنن جيل ڀرسان فيڪٽري ناڪي تي ڌرڻو هڻي ڇڏيو. پي ٽي آءِ باني جي ڀيڻن کي پوليس فيڪٽري ناڪي تي روڪيو، عليما خان ڪارڪنن کي پرسڪون رهڻ جي هدايت ڪئي کين ناڪي کان پوئتي هٽائيندي رهي.عليما خان چيو ته پوليس سان اسان جو ڪو جهيڙو ناهي، پوليس وارا اسان جا ڀائر آهن، ڪارڪنن کي ان ڪري پوئتي ڪري رهي آهيان، ڇو ته عورتون گڏ آهن، پوليس وارا پاڻ پريشان آهن. هن چيو ته ملاقات جي اجازت عرصي کان نه پئي ڏني وڃي، گذريل ملاقات تي ڪا سياسي گفتگو نه ٿي، پي ٽي آءِ باني کي ڪنهن جي حڪمن تي قيد ۾ رکيو ويو آهي؟ اسان ملاقات لاءِ آياسين، گذريل هڪ مهيني کان ان ئي مقصد لاءِ اچي رهيا آهيون. عمران خان جي ڀيڻن اڊيالا جيل ڀرسان فيڪٽري ناڪي تي ڌرڻو هڻي ڇڏيو، بعد ۾ پارٽي اڳواڻ بيرسٽر گوهر، قومي اسيمبلي ميمبر جنيد اڪر، شاهد خٽڪ، خيبر پختونخواهه ڪابينا جا ميميبر مينا خان، شفيع جان ۽ ٻيا اڳواڻ موجود آهن.اڊيالا جيل ويندڙ رستو بند آهي ۽ پوليس جي وڏي نفري فيڪٽري ناڪي تي موجود رهيا جيڪي باني سان ملاقات ڪرايو جا نعرا هڻي رهيا هئا، هوڏانهن راولپنڊي ۾ اڊياله جيل ٻاهران پي ٽي آءِ جي احتجاج سبب حفاظتي انتظام سخت رهيا، پوليس ڌاگل ۽ گورکپور ۾ دڪان، تعليمي ادارا ۽ پئٽرول پمپس بند ڪرائي ڇڏيا،جيل ڏانهن ويندڙ مک روڊ به سيل رهيا، سخت ڇڪتاڻ واري صورتحال رهي، امڪاني آپريشن لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون، واٽرڪين گهرايا ويا، ڌرڻي واري هنڌ وٽ اڊيالا روڊ جي بجلي بند ڪئي وئي، پوليس جي اضافي نفري گهرائي وئي