پي ٽي آءِ جا آزاد اميدوار 92 قومي سيٽون کٽي ويا: ن ليگ 75 ۽ پ پ کي 54سيٽن تي سوڀ
فيبروري 12, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبليءَ جي 266 مان 264 سيٽن جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو. قومي اسيمبليءَ جي ھڪ سيٽ اين اي 88 جو نتيجو روڪيو ويو. اين اي 8 تي چونڊ ملتوي ڪئي وئي ھئي. قومي اسيمبليءَ ۾ آزاد اميدوارن 101 سيٽون کنيون آهن جنهن ۾ پي ٽي آءِ جا حمايت يافته آزاد 91 آهن، مسلم ليگ (ن) 75، پيپلز پارٽي 54، ايم ڪيو ايم 17، پاڪستان مسلم ليگ 3، جميعت علماءِ اسلام پاڪستان 4 سيٽون، استحڪام پاڪستان پارٽي 2، ايم ڊبليو ھڪ، بلوچستان نيشنل پارٽي، پاڪستان مسلم ليگ ضياءَ ۽ بلوچستان عوامي پارٽي، پشتونخوا نيشنل عوامي پارٽي، نيشنل پارٽي، پشتونخوا ملي عوامي پارٽي ھڪ سيٽ حاصل ڪئي آھي. اليڪشن ڪميسن پنجاب اسيمبليءَ جي 297 جنرل سيٽن مان 296 سيٽن جي نتيجن جو اعلان ڪيو ويو آھي. پنجاب اسيمبليءَ جي ھڪ سيٽ تي چونڊ ملتوي ڪئي وئي هئي، پنجاب اسيمبليءَ ۾ آزاد اميدوارن 138 سيٽون حاصل ڪيون آھن. مسلم ليگ (ن) 137، پيپلز پارٽي 10، پاڪستان مسلم ليگ ق 8، استحڪام پارٽي، پاڪستان مسلم ليگ ضياءَ، تحريڪ انصاف پارليامينٽرينز ھڪ ھڪ سيٽ حاصل ڪئي. سنڌ اسيمبلي جي جاري حتمي نتيجن مطابق سنڌ اسيمبلي جي 130 سيٽن مان 129 سيٽن جا نتيجا جاري ڪيا ويا آھن. ھڪ سيٽ جا نتيجا روڪيا ويا آھن. سنڌ اسيمبلي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي 84 سيٽون حاصل ڪيون. آزاد اميدوارن 13 سيٽون، ايم ڪيو ايم 28، جي ڊي اي ۽ جماعت اسلامي 2، 2 سيٽون حاصل ڪيون. خيبرپختونخوا اسيمبليءَ جي 115 جنرل سيٽن مان 112 سيٽن جا نتيجا جاري ڪيا ويا آھن. ھڪ سيٽ جا نتيجا روڪيا ويا آھن. ٻن سيٽن تي چونڊون ملتوي ڪيون ويون آھن. ڪي پي ڪي اسيمبليءَ اسيمبليءَ ۾ آزاد اميدوار 90 سيٽون کڻي ڪامياب ٿيا. جميعت علماءِ اسلام پاڪستان 7، پاڪستان مسلم (ن) 5 ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي 4 ، جماعت اسلامي 3، تحريڪ انصاف پارليامينٽرين 2، اي اين پي کي ھڪ سيٽ تي ڪاميابي ملي. بلوچستان صوبائي اسيمبليءَ جي سمورين 51 سيٽن جا نتيجا جاري ڪيا ويا آھن. عوامي نيشنل پارٽي 2، بلوچستان عوامي پارٽي 4، بلوچستان نيشنل پارٽي 1، بي اين پي عوامي ھڪ، آزاد اميداور 6، حق دو تحريڪ ھڪ، جماعت اسلامي ھڪ، جميعت علماءِ اسلام پاڪستان 11، نيشنل پارٽي 3، پاڪستان مسلم ليگ 10، پيپلز پارٽي 11 سيٽون کڻي ڪامياب ٿي آھي.