پي ٽي آءِ جا ڀڳوڙا يورپ ۾ پاڪستان کي مليل جي ايس پي پلس سهولت  خلاف مهم پياهلائين: خواجا آصف

پي ٽي آءِ جا ڀڳوڙا يورپ ۾ پاڪستان کي مليل جي ايس پي پلس سهولت  خلاف مهم پياهلائين: خواجا آصف

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي وزير دفاع خواجه آصف چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جا ڀڳوڙا پهريان ملڪ کي لٽيندا رهيا ۽ هاڻي به پرڏيهه ۾ ويهي پاڪستانين کان پيسا گڏ ڪري عياشي واري زندگي گذاري رهيا آهن۔ جيڪڏهن انهن ۾ جرئت آهي ته پاڪستان ۾ اچي مقابلو ڪن. سماجي رابطن واري پليٽ فارم ايڪس تي جاري بيان ۾ خواجه آصف چيو ته اهي ڀڳوڙا يورپ ۾ جي ايس پي پلس جي پاڪستان کي سهولت خلاف مهم هلائي غداري ڪري رهيا آهن۔ پاڪستان جون جنگيون پاڪستان جي سرزمين تي وڙهڻ گهرجن۔ هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف ٻنهي سياست ۾ سخت آزمائشون ڏٺيون، اهي قيد ۾ به رهيا، انهن جي ويجهن ساٿين ۽ مائٽن کي پڻ قيد ڪري اذيتون ڏنيون ويون۔ آمريت ٻنهي کي سخت نشانو بڻايو، ڪارڪنن تي ظلم جي انتها ڪئي وئي، پر ڪنهن به وطن جي مفادن کي نشانو بڻائڻ جو نه سوچيو. خواجه آصف موجب ٻنهي سياسي اڳواڻن پنهنجي سياسي ويڙهه پاڪستان جي سرزمين تي وڙهي ۽ ان جي قيمت به ادا ڪئي، پر ملڪ يا قوم کي نشانو بڻائڻ جو سوچيو به نه. هن چيو ته عمران خان ۽ اُن جي ساٿين اقتدار وڃائڻ کان پوءِ سڀ کان پهريان عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کي خط لکي ملڪ کي ڏيوالو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هاڻي ملڪ جي برآمدات کي نقصان پهچائڻ لاءِ لابنگ ڪري رهيا آهن۔جيڪڏهن اهڙي حرڪت ڀارت ڪري ته ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي، پر جيڪي ماڻهو پاڻ کي پاڪستاني سڏائين ۽ اهڙو ڪم ڪن ته انهن کي غدار سڏيو ويندو.