ڪراچي/ پشاور (اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ جون وڪيٽون ڪرڻ جو سلسلو جاري اڳوڻي ايم اين اي جئي پرڪاش کانپوءِ ڪي پي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ اقبال وزير به پي ٽي آءِ ڇڏي ڏني
ڪي پي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ اقبال وزير به پي ٽي آءِ ڇڏي ڏني، 9 مئي واقعن تي قومي مفاد جي حق ۾ پارٽي ڇڏي رهيو آهيان هن چيوته ملڪي سلامتي سان ٽڪراءَ ۾ ايندڙ پارٽي سان هاڻ تعلق نه رهندو، حملا ملڪ جي ائين سان ٽڪراءَ ۾ آهن
ان کان اڳ پي ٽي آءِ جي اڳوڻي ايم اين اي جئي پرڪاش پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران جئي پرڪاش روئڻهارڪو ٿي ويو ان موقعي تي جئي پرڪاش چيو ته 9 مئي جي واقعن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو، ان واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي
هڪ سوال تي جئي پرڪاش چيو ته مون کي ڪنهن به نه کنيو هو نه ئي گم ڪيو هو هاڻ به گهران ئي آيو آهيان
هن چيو ته 9 مئي تي آئون ڪراچي ۾ موجود هيس بعد ۾ ڏٺو ته فوجي عمارتن تي حملا ڪيا ويا آهن ان عمل تي ڏک ۽ تڪليف پهتي آهي بي اعتمادي رٿ دوران به پارٽي سان گڏ هئاسين في الحال پارٽي ڇڏي رهيو آهيان سياست نه
جئي پرڪاش پي ٽي آءِ جي اقليتي ونگ جي صدر ۽ پي ٽي آءِ جي اقليتي سيٽ تي ايم اين اي هو