پي ٽي آءِ جو اڄ  احتجاج: اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ قلم 144 لاڳو:  هاءِ الرٽ: رستا سيل

پي ٽي آءِ جو اڄ  احتجاج: اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ قلم 144 لاڳو:  هاءِ الرٽ: رستا سيل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ جي اڄ  احتجاج واري اعلان بعد اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي  هاءِ الرٽ جي هدايت جاري ڪئي وئي، اهم رستا سيل ڪيا ويا. تفصيل موجب ڪي پي جي وڏي وزير سهيل آفريدي پاران اڄ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ اڊيالا جيل ٻاهران ڌرڻي هڻڻ جي اعلان بعد سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي جڏهن ته اسلام آباد ۽ پنڊي جي ضلعي انتظاميا قلم 144 لاڳو ڪري ڪنهن به قسم جي جلسي يا جلوس ڪڍڻ تي پابندي هڻي ڇڏي آهي.پوليس سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گڏيل سهڪار سان هر صورت ۾ امن امان کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي.  اسلام آباد جي ضلعي انتظاميا چيو آهي ته ڪنهن به غير قانوني سرگرمي جي نتيجي ۾ قانون حرڪت ۾ ايندو، ٻئي طرف ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي حسن وقار چيمه چيو آهي ته راولپنڊي ۾ اڄ کان ٽن ڏينهن تائين هر قسم جي جلسي جلوس يا قافلا ڪڍڻ تي پابندي هوندي