پي ٽي آءِ جو اڄ اسلام آباد ۾ ڌرڻو، اڊيالا جيل به وڃڻ جو اعلان

پي ٽي آءِ جو اڄ اسلام آباد ۾ ڌرڻو، اڊيالا جيل به وڃڻ جو اعلان

پشاور (م ڊ) خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي اسپيڪر بابر سليم سواتي وڏي وزير سهيل آفريدي کي پي ٽي آءِ باني عمران خان سان مشاورت کان سواءِ ئي صوبائي ڪابينه ٺاهڻ جو مشورو ڏنو آهي. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ڪي پي ڪي اسيمبلي جي اسپيڪر وڏي وزير سهيل آفريدي کي مشورو ڏيندي چيو ته عمران خان سان ملاقات کان پوءِ ڪابينه ۾ تبديلي ڪري سگهجي ٿي پر في الحال صوبائي ڪابينه جوڙي وڃي ته جيئن صوبائي معاملن کي هلائڻ ۾ آساني ٿئي. ٻئي طرف وزيراعليٰ سهيل آفريدي جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو. انهي حوالي سان اسيمبلي ميمبر احتشام خان نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته اجلاس ۾ اڱاري تي اسلام آباد وڃڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. احتشام خان موجب اسيمبلي ميمبر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان پوءِ اڊياله جيل به ويندا.